
ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ۾ سمورا تعليمي ادارا 15 کان 30 سيپٽمبر تائين مرحليوار کوليا ويندا، 15 سيپٽمبر 9 ڪلاس کان يونيورسٽي تائين، 22 سيپٽمبر کان ڇهين کان اٺين ڪلاس تائين ۽ 30 سيپٽمبر کان پري پرائمري ۽ پرائمري جا ڪلاس هلايا ويندا، سعني غني سماجي رابطن واري ويب سائيٽ فيس بڪ تي وڌيڪ تفصيل سان ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪنهن اسڪول ۾ ڪورونا وائرس وڌندو ته ان علائقي جو اسڪول بند ڪيو ويندو ـ
هن وڌيڪ چيو ته اسڪول ۾ ماسڪ جو استعمال لازمي هوندو، ايس او پيز تي مڪمل عمل ڪيو ويندو ٻي صورت ۾ اداري خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي، جيڪڏهن ڪنهن شاگرد کي بخار يا کنگھ آهي ته ان تي پابندي نه ڪئي وڃي ته هو اسڪول اچي ـ