Monday , March 8 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / سنڌ ڀاڳيا ايسوسيشن ضلع نوابشاھ اڳواڻن طرفان نوابشاھ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس

سنڌ ڀاڳيا ايسوسيشن ضلع نوابشاھ اڳواڻن طرفان نوابشاھ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس

نوابشاھ (رپورٽر مزمل چانڊيو) سنڌ ڀاڳيا ايسوسيشن ضلع نوابشاهه جي اڳواڻن غلام محمد ڏاھري، شاھنواز شر، حاڪم شر، محمد حسن ڪاڪيپوٽو، محرم علي مھدي، مير ڏاھري ۽ ٻين پريس ڪلب نوابشاهه ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ۽ احتجاج ڪندي چيو ته سانوڻي جو برسات سڄي سنڌ ۾ تباھي مچائي ڇڏي آهي ۽ سڄيءَ سنڌ سميت شھيد بينظير آباد ڊويزن ۾ به ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي ۽ انھي ڪري اسان جا ڀاڳيا سخت متاثر ٿيا آهن ۽ انھن جو مال بيمار ٿي مري رھيو آھي ۽ لائيو اسٽاڪ کاتو اگھور ننڊ ۾ ستل آهي ضلع سانگھڙ اندر ڪيترو مال مري ويو آھي ۽ اھو روڊن تي ۽ خيمن ۾ پيل آھي پر اسان ڪو به وٽنري جو ڊاڪٽر يا لائيو اسٽاڪ کاتي جو عملدار ناھي ڏٺو ھنن چيو ته مختلف وقتن تي اسان جي صوبائي وزير باري پتافي سان گڏڄاڻيون به ٿيو آھي پر اسان کي ٺلھا آسرا ڏنا ٿا وڃن اسان جي ڀاڳين جي ڪا به مدد نٿي ڪئي وڃي ۽ اسان جو روزاني ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رھيو آھي ھنن سنڌ حڪومت ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته چوپائي مال جي ڀاڳين کي معاوضو ڏنو وڃي اسان جي مال کي ايمرجنسي بنياد تي وبائي بيماري کان بچاءُ واري ويڪسينيشن ڪرائي دوائون فرآھم ڪيون وڃن نه ته ٻيءَ صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …