Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / سنڌ عورت تحريڪ ضلع نوشهروفيروز طرفان ڊاڪٽر نمرتا جي قتل خلاف مورو ۾ احتجاج

سنڌ عورت تحريڪ ضلع نوشهروفيروز طرفان ڊاڪٽر نمرتا جي قتل خلاف مورو ۾ احتجاج

 مورو: سنڌ عورت تحريڪ ضلع نوشهروفيروز پاران مورو ۾ ڊاڪٽر نمرتا جي بي رحمانه قتل خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي جي اڳواڻي سنڌ عورت تحريڪ جي ضلع اڳواڻ صنوبر کوسو، بصران خاصخيلي، ريحانه کوسو، (ناري جمهوري محاذ) ڪامريڊ رضوانه سيد، نور سنڌي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ـ
مظاهري کي خطاب ڪندي عورت اڳواڻن چيو ته اسان سڀ ڀينرون ۽ ڀائر پنهنجي ڀيڻ ڊاڪٽر نمرتا جي قتل خلاف احتجاج ۾ گڏ ٿيا آهيون، نمرتا کان اڳ اسانجون ڪيتريون ئي ڀينرن کي قتل ڪيو ويو آهي. نائلا رند، صائمه جروار ۽ انهيءَ کان علاوه ٻيون به ڪيتريون ئي عورتن سان ظلم ٿيو آهي. ڊاڪٽر نمرتا جو جرم اهو هو ته هو هندو سنڌي هئي، روز روز تعليمي ادارن ۾ نياڻن جو قتل سنڌ جي عورتن کي تعليم کان پري رکڻ جي سازش آهي. انهي کان علاوه احتجاج ۾ جيئي سنڌ محاذ جي وائس چيئرمين هاشم کوسو، ضلع صدر منظور خاصخيلي، سڪندر ڪورائي، امير بخش لغاري، شاهنواز ڀٽو، مهراڻ سنڌي، منصور راهو ۽ ٻيا شريڪ هئا ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …