Wednesday , March 3 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / سنڌ سجاڳي فورم ۽ وائيس فارم مسنگ پرسنس آف سنڌ طرفان ڪراچي ۾ ڌرڻو

سنڌ سجاڳي فورم ۽ وائيس فارم مسنگ پرسنس آف سنڌ طرفان ڪراچي ۾ ڌرڻو

ڪراچي (پريس رليز) سنڌ سُجاڳي فورم ڪراچي ڊويزن ۽ وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جي سڏ تي آچر جي شام 5 وڳي سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي وڪيل محب آزاد لغاري ۽ سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سوين سياسي سماجي ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ سي اين جي پمپ زينب مارڪيٽ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين احتجاجي مارچ ڪري ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو ويو ـ
ڌرڻي ۾ سنڌ سجاڳي فورم جي مرڪزي فائنانس سيڪريٽري سھڻي جويو، وائيس فار مسنگ پرسنس آف سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوھار، لطيف ميمڻ، ياسين جُھلڻ، زاھد کوسي، سنڌو ساگر، اسد اقبال بٽ، ھمت ڦلپوٽي، لطيف لغاري، سسئي لوھار، ايڊووڪيٽ محب آزاد جي والد رانجھو لغاري، گھرواري اترت آزاد ۽ ٻيا موجود هئا ـ
ان موقعي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہاھو ڪٿان جو انصاف آھي جو ھڪ طرف سنڌ ۽ بلوچستان مان سون ۽ ھزارن جي تعداد ۾ سياسي، قومي ۽ سماجي ڪارڪنن جي گھرن تي راتاھا ھڻي، چادر ۽ چوديواريءَ جو تقدس پامال ڪندي ٻارڙن ۽ عورتن تي تشدد ڪري کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻئي طرف انھن جي آزاديءَ لاءِ آواز اُٿاريندڙ ۽ قانوني ويڙھ وڙھندڙ ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاريءَ کي ھاءِ ڪورٽ ويندي وچ رستي تان سندس گھرواري ۽ ٻارڙن کي مارڪٽ ڪندي ويگو گاڏيءَ ۾ کنڀي کڻي گم ڪيو ٿو وڃي، ھن قسم جا عمل عالمي قانون، ملڪي قانون، انسانيت، اخلاقيات، ۽ انساني حقن جي سنئين سڌي لتاڙ آھن ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …