Saturday , February 27 2021
تازاترين
Home / مضمون / سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو نامنظور ـ صاحب خان ڀٽي

سنڌ جي ٻيٽن تي قبضو نامنظور ـ صاحب خان ڀٽي

سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪا نئين ڳالهه نه آهي، ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ مان نڪرندڙ گئس، ڪوئلو ۽ تيل  تي وفاق قابض آهي، جنهن جو   ڪو به فائدو سنڌي قوم کي ملي نه سگهيو آهي، جمهوريت هجي يا آمريت هر دور ۾ سنڌي جي وسيلن جي ڦرلٽ جو سلسلو جاري رهيو آهي، بينظير جي شهادت کانپوءِ اقتدار حاصل ڪندڙ  پيپلزپارٽي به سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جا ڪا ڪسر ناهي ڇڏي، جڏهن آصف علي زرداري صدر هو ان وقت به سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري جو سلسلو جاري رهيو، ان کان اڳ پرويز مشرف افغانين کي سنڌ کي عالمي يتيم خانو سمجهي آباد ڪيو، سنڌي ساڃاهه وندن ان وقت به احتجاج جو دڳ اختيار ڪيو هو، هاڻ به احتجاج جو سلسلو جاري آهي، اڳ ۾ افغانين ۽ ٻين ڌارين کي سنڌ جي گادي واري شهر ۾ آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش رٿي وئي، هاڻ انهيءَ سازش کي عملي جامو پارائڻ لاءِ  سنڌ جي سون جهڙي زمينن تي قبضي جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، پنجاب جا بلڊر مافيا سنڌ جا قديم ڳوٺ ڊاهي پٽ ڪري رهيا آهن، پيپلزپارٽي به سنڌين وسندين کي ڊاهڻ واري عمل ۾ ٻٽ بڻيل آهي، سنڌي قوم کان ووٽ وٺي اقتدار حاصل ڪندڙ  پارٽي جي سنڌين وسندين جي ڊاهڻ واري عمل تي ٻڙڪ به ٻاهر نه ڪڍڻ مان صاف ظاهر آهي ته سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش ۾ پيپلزپارٽي سنڌ دشمنن جي اهڙي سازش جو حصو بڻجي رهي آهي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته پيپلزپارٽي اڳواڻ نثار کهڙو ڪجهه وقت عرصو اڳ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائڻ واري احتجاج تي پنهنجو رد عمل ظاهر نه ڪري ها،  نثار کهڙي ان وقت چيو هو ته ڪجهه به ٿي پئي، هو ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي ڏيندا، پوءِ ڀلي اها ڳالهه ڪنهن کي وڻي يا نه ؟ اسان اهو ڪم ڪري ڏيکارينداسين ۽ حقيقت ۾ انهن اهو ڪري ڏيکاريو، اڄ  ڪراچي افغانين وٽ سڃاڻپ ڪارڊ آهن، انهن وٽ ڊوميسائل به آهن ـ
اڳ ۾ سنڌ مان نڪرندڙ تيل ۽ گئس واري ڪمپنين ۾ سنڌين کي ڀرتي نه ڪرڻ تي قومپرست احتجاج ڪندا هئا ته ان تي به تنقيد ڪئي ويندي هئي، اڄ ڏينهن تائين سنڌي قوم کان ووٽ وٺي اقتدار جا مزا ماڻيندڙ  ڌر  سنڌين کي پنهنجو حق به ڏياري ناهي سگهي، حق ڏيارڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر  پيپلزپارٽي ته ڪراچي ۾ قديم سنڌي وسندين کي ليز ڪرڻ بدران انهن کي ڊاهڻ جي سازش جو حصو بڻجي رهي آهي، مشرف جي دور ۾ به جن ڳوٺن کي دهشتگرد تنظيم ڊاهي نه سگهي، انهن تي به پيپلزپارٽي دور ۾ ڪيترائي ڀيرا حملا ٿي چڪا آهن، هن وقت به ڪيترن ئي سنڌي وسندين جي وردي پهريل ماڻهن جو گهيرو آهي، جن وسندين کي ڊاهڻ لاءِ هر ممڪن حربو استعمال ڪيو پيو وڃي، پر ان باوجود سنڌ جي حڪمران ڌر خاموش آهي، سنڌ پاڪستان جو اهو واحد صوبو آهي، جتان جا اصل وارث سرڪاري نوڪرين کان ويندي خانگي ادارن ۾ نوڪرين کان محروم بڻيل آهن، تيل ۽ گئس ڪمپنين ۾ به مقامي ماڻهو نه هئڻ برابر آهن، ڇا پنجاب ۾ ڪو سنڌي وڏي عهدي تي ويٺل آهي؟ مشڪل آهي، پر سنڌ ۾ پنجاب، خيبرپختونخواهه جا ماڻهو ايئن ڀريا ويا آهن، جيئن سنڌ انهن جي خريد ڪيل آهي ۽ اسان هتي  ڪو ڪشمير مان اچي آباد ٿيا آهيون، سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين توڙي خانگي ادارن ۾ سنڌي ماڻهن جو حق آهي پر اهو نه ٿو ڏنو وڃي؟
هاڻ جڏهن سنڌ جي سمورن وسيلن تي قبضو پڪو ٿي ويو آهي ته  سنڌين کي  قانوني طور اقليت ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ترقي جي نالي تي سنڌ ۾ وڏيون وڏيون سوسائيٽون ٺاهي اوور سيز پاڪستانين جي نالي تي بنگلاديش ۾ ترسيل بيهارين، ڀارتين ۽ ٻين ڌارين کي آباد ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن،   ان حوالي سان تازو ئي پ پ اڳواڻ نثار کهڙي ۽ سردار علي شاهه بيان ڏنو آهي ته هو ترقي جا حامي آهن ۽ سنڌ جي ٻيٽن تي شهر اڏڻ گهرجي، هو وفاق سان مڪمل سهڪار ڪندا، مطلب ته پيپلزپارٽي پنهنجا ڪرپشن ڪيس ختم ڪرڻ لاءِ هاڻ سنڌ جا ٻيٽ وفاق جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ عوامي طاقت جو مظاهرو ڪري دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريو پيو وڃي ته سنڌي قوم ڌارين جي آبادڪاري  جي حامي آهي پر اها ڳالهه ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جو حلالي پٽ برداشت نه ڪندو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ٿيندي رهي ۽ سنڌي قوم بک ۽ بدحالي جي زندگي گذاري، هن وقت قومپرست پارٽيون به خاموش آهن، ڇاڪاڻ ته جن به سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪئي آهي،  انهن کي جيلن ۾ بند ڪيو ويو آهي يا وري انهن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، ڪجهه قومپرستن جا لاش به مليا آهن، هاڻ ته پيپلزپارٽي لاءِ رستو بلڪل صاف آهي، ڇاڪاڻ ته سنڌي قوم کي هاڻي ڪير به سجاڳ نه ڪري سگهندو، قومپرست سياست ڪافي حد تائين ماٺار جو شڪار ٿي وئي آهي، وفاق توڙي پيپلزپارٽي  سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا سولائي سان کپائي سگهن ٿا ۽ موجوده وقت ۾ ايئن ٿي رهيو آهي پر  هن ڀيري سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ ليکڪن سنڌ جي ٻيٽن جي غيرقانوني قبضي کان قوم کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌي قوم سمجهي وئي آهي ته سنڌ جي ٻيٽن تي وڏا وڏا شهر اڏڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته ڪهڙي به ريت سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جي وڏي شهر جو ڪنٽرول ڪنهن ٻئي وٽ هجي ۽ سنڌين کي ڏنڊي جي زور تي خاموش ڪرايو وڃي، افسوس سان چوڻو ٿو ته پئي ته پيپلزپارٽي کي رڳو سنڌي ئي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻيندا آهن ۽ اها پارٽي سنڌ خلاف سازشن جو حصو بڻجي ويندي آهي، اڳ به سنڌ ۾ ٻٽو نظام لاڳو ڪري سنڌ جي وحدت تي وار ڪيو ويو، جڏهن سنڌين جو سخت رد عمل آيو ته پيپلزپارٽي کي پوئتي هٽڻو پئجي ويو، هن ڀيري  پيپلزپارٽي نه پر وفاقي سرڪار ارڙهين ترميم جا بکيا اڊيڙيندي سنڌ جي ٻيٽن تي والار لاءِ ”پاڪستان آئلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي“  جي نالي  سان هڪ ادارو جوڙي ڇڏيو آهي، جيڪو ادارو سنڌ سميت بلوچستان جي سمورن ٻيٽن جي نگراني ڪندو. اهڙو نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ سنڌ جي ساڃاهه وندن ڳڻتي جو اظها ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته  سنڌ جي ٻيٽن تي هڪ منظم سازش تحت ڌارين کي آباد  ڪيو ويندو، اڳ به ترقي جي نالي تي سنڌ ۾ غيرقانوني طور  پرڏيهين کي  آباد ڪري انهن کي زمين وڪرو ڪئي وئي آهي ـ
بهرحال سنڌ ۽ بلوچستان جي رضامندي حاصل ڪرڻ يا صوبائي اسيمبلين ذريعي قانون سازي ڪرڻ کان سواء  ئي اٿارٽي جوڙي  وئي آهي، وفاقي سرڪار اٿارٽي جي قيام عمل ۾ آڻڻ سان گڏ ان ۾ ڀرتيون پڻ شروع ڪري ڏنيون آهن جنهن لاءِ پهرين مرحلي ۾ پاڪستان آئلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي جوچيئرمين مقرر ڪرڻ  لاءِ مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، ٻئي طرف وري پاڪستان آئلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي نالي ادارو قائم ٿيڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا توڙي قومپرستن ۽ ليکڪن طرفان سخت رڊ عمل ظاهر ڪيو پيو وڃي، ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته هي ادارو پاڪستان جي سمورن آئلينڊز جي نگراني ڪندو ۽ اُتي مرضي سان ترقياتي تعميراتي  منصوبا جوڙي سگهندو ۽ اُن جا ٺيڪا پڻ ڏيئي سگهندو، جوڙيل اٿارٽي فقط ٻيٽن جي مالڪي ڪندي.ايتري قدر جو ان حوالي سان پهرين آڪٽوبر 2020ع تي هڪ مقامي انگريزي اخبار ۾  اشتهار پڻ ڏنا ويا آهن ته چيئرمين ڪو رٽائرڊ بيورو ڪريٽ مقرر ٿي سگهي، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل نوٽيڪفيشن ۽ اشتهار تنقيد سان گڏ به شيئر ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن پاران سنڌ جي ٻيٽن جي والار نامنظور جا نعرا هنيا پيا وڃن پر هيل تائين ڪنهن به جماعت  وفاقي حڪومت ۽ سنڌ سرڪار جي حمايت واري اهڙي عمل خلاف گڏيل  جدوجهد جو اعلان ناهي ڪيو ويو ۽ نه ئي قومپرست ۽ سنڌ جي ساڃاهه وندن پاران ڪا گڏجاڻي ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن هن وقت سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف ڪو اثرائتو آواز نه اٿاريو ويو ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ٿيندي رهندي ۽ سنڌ جي حڪمران جماعت ڪيس ختم ڪرائڻ لاءِ اهڙن سنڌ دشمن  منصوبن جي حامي بڻيل رهندي ـ

Check Also

سدا واھ شاخ جي پڇڙي تي جوڊيشل ميجسٽريٽ ون جج شفيق احمد کرل جو مختلف واٽرن جو دورو

شهدادپور(رپورٽ: رجب رند) شھدادپور لڳ آبادگارن جي شڪايت تي سول جج جو سدا واھ شاخ …