Sunday , July 25 2021
تازاترين
Home / رپورٽس ڊائري / سنڌ جي قومي انقلابي ۽ عوامي شاعر راشد مورائي جي چوٿين ورسي تقريب ـ اسلم عباسي

سنڌ جي قومي انقلابي ۽ عوامي شاعر راشد مورائي جي چوٿين ورسي تقريب ـ اسلم عباسي

 سنڌ جي قومي انقلابي ۽ عوامي شاعر سائين راشد مورائي جي چوٿين ورسي، تاريخ 31 مارچ 2018، ڇنڇر شام ڇهين وڳي مورو باءِ پاس لڳ سيد هائوس ۾ راشد مورائي يادگار ڪاميٽي جي سيد شاھ لطيف، جونيئر جي ايم سيد، تاج جويي ۽ سنڌي ادبي سنگت موري شاخ جي سيڪريٽري اسد سولنگي جي گڏيل ڪوششن سان پروقار علمي ادبي تقريب ٿي گذري، جڏهن ته سهڪاري سٿ ۾ ڪلچر کاتو حڪومت سنڌ ۽ هن علائقي جا سماج سڌارڪ امداد بلوچ ۽ سندن فرزند غلام نبي بهراڻي شامل هئا. پنڊال ڪشادي ۽ وسيع اڱڻ تي سائي چهچ ڇٻر مٿان سجايل هو، جنهن جي آس پاس ۾ ساوا گهاٽا ٻوٽا ۽ پٺيان کجين جا وڏا وڻ، روشني سان سجايل اسٽيج ۽ آسمان ۾ چوڏهين رات جو چنڊ وارو حسين منظر ٿڌڙي هوا سامعين کي پرنور رونق بخشي رهي هئي. ڄڻ ته ڪينجهر ڪناري ڀرسان جهمپير جي کليل فضا جو ڪو منظر هجي. شام جي سج لهڻ واري حسين منظر دوران ساس موري جي سيڪريٽري اسد سولنگي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سنڀاليندي، پروگرام جي شروعات ڀٽائي سرڪار جي شعر “اول الله عليم، اعلي عالم جو ڌڻي” سان ڪئي ۽ ڀٽائي جي راڳ ڳائڻ لاءِ تائيوان کان آيل هارڊ ورڊ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪندڙ عورت پيلنگ هانگ (جوئي فاطمه) ۽ ڀٽائي جي راڳي منٺار فقير جي نياڻين هر هڪ غلام سڪينه ۽ غلام صابره کي اسٽيج تي سڏايو ويو. ڀٽائيءَ جو راڳ روايت مطابق مرد ڀٽائي جا راڳي فقير ڳائيندا اچن ٿا. پر هي پهريون دفعو آهي جو هي عورتون ڀٽائي جي راڳ، ساز ۽ تنبوري کي ڇيڙين ٿيون، جڏهن ته تاريخ ۾ 150 سال پهرين ڪڇ ڀڄ جي عورت مائي جيهان زال نهال فقير جت پڻ درگاهه تي ست جمعا لاڳيتو راڳ ڳايو هو. ۽ اڄ وري 150 سال بعد هي روايت زنده ٿي آهي ـ
ڀٽائي سرڪار جي ڪلام کي ڳائڻ لاءِ پيلنگ هانگ، غلام سڪينه ۽ غلام صابره سر ڪاموڏ کان شروعات ڪئي:ـ
تون سمون آنءُ گندري، مون ۾ عيب انبار
تنون سمون آنءُ گندري، مون ۾ عيب لک
سر رامڪلي مان بيت ۽ وائي ۽ آخر ۾ سر مارئي مان بيت ۽ وائي:ـ
مارو مٽ مليو جا، ويا ويڄ ڪري
ماڙيءَ چڙهي ڏٺا مون پکا پنهوارن جا
ماندي ٿي نه مارئي، تنهنجو الله به آهي
لوئي ۾ لانئون، مون مارن سان لڌيون
منهنجو ماڳ ملير، ڪوٽن ۾ آئون ڪئين رهان ـ
ڳائي محفل ۾ سامعين کي وطن جي سڪ ۽ حب واري ڪيفيت ۾ آڻي ڇڏيو ۽ راشد مورائي جي وڇوڙي واري درد کي وري زنده ڪري ڇڏيو، ان بعد علمي، ادبي تقريب جي صدارت لاءِ سنڌ جي نامياري شاعر ٿر کان آيل حليم باغي کي اسٽيج تي سڏايو ويو ۽ ساڻس گڏ سنڌ جي ناميارن شاعر اديبن، استادن، سياسي سماجي شعور رکندڙ ساڃاھ وندن هر هڪ مهمان خاص سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري احمد سولنگي، مامو جمن دربدر، حاجي ساند، مولانا عزيز الله ٻوهيو، رکيل مورائي، اصغر ڀريائي، مولا بخش ٻرڙو، تاج جويو، عظيم سنڌي، مهرڊرٻائي کي پڻ معزز مهمانن طور ڪري ويهاريو ويو ـ
راشد مورائي يادگار ڪاميٽي طرفان تاج جويي چوٿين ورسي تقريب ۾ شريڪ سڄي سنڌ کان پهتل اديبن، شاعرن، استادن، عالمن، تاريخدانن، سياسي سماجي تنظيمن، اڳواڻن، ورڪرن، ساڃاھ وندن، شعور رکندڙ، مورو شهري معززين کي ڀليڪار ڪندي هن شعر سان آجيان ڪئي ـ
آيا آس ٿيام، ٻاروچا ڀنڀور ۾ ـ
راشد مورائي جي زندگي تي ڳالهائيندي هن چيو ته صوفي ڄمڻ ۽ مرڻ کي وصال ڪوٺيندا آهن. وصال معني ملاقات، عام صوفين جي تدفين ڳائي وڄائي ٿيندي آهي. راشد مورائي جي تدفين پڻ ان رسم سان ادا ڪئي وئي هئي. راشد مورائي جو والد پڻ شاعر هو، راشد جو جنم 5 مارچ آهي ۽ وڇڙي وڃڻ جي تاريخ 24 مارچ آهي. پاڻ قومي عوامي شاعر هو. سائين جي ايم سيد، عبدالواحد آريسر ۽ راشد مورائي هڪ ئي رستي جا پانڌيئڙا هئا. ساهتي پرڳڻي ۾ ڪيترائي اديب ۽ شاعر پيدا ٿيا آهن. جن ۾ گوبند مالهي به هڪ آهي ـ
ان بعد خوبصورت شاعر حاجي ساند کي سڏايو ويو، جنهن راشد جي شعر:ـ
دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا، ٿورڙوئي وسين هان ته ڇا ٿيئي ٿئي
سان شروعات ڪندي چيو ته مامي جمن دربدر کي پٽ هوشو ڄائو هو، ان جي ڇٺي (ستين ڏينهن واري ڄم رسم) هئي جنهن خوشي ۾ شريڪ ٿيڻ سائين راشد مورائي ٿر آيو هو، منهنجي عمر 10، 11 سال مس هئي ۽ سائين سان منهنجي پهرين ملاقات ٿي. هن راشد مورائي جو شعر پڙهيو
هي ڳاڙهي ماڙي رئيسن جي، هي سائي جيپ وڏيرن جي
مان باغي هان، سو باھ ڏيئي ٿو سڃ ڪريان لٽيرن جي ـ
جهڙا شعر چئي وطن پرست ماڻهن جون دليون کٽيون، ڪيترن ئي شاعرن پنهنجو رستو مٽايو، پر هن رستو نه مٽايو، سندس شاعري ڪلام عوامي ۽ ثقافتي راڳي فنڪار جلال چانڊيي سميت ڪيترن ئي فنڪارن ڳايو، منهنجا ساڻس ٻه رشتا هئا، هڪ ته مامي جمن دربدر جو دوست هو ۽ ٻيو قلم قبيلو ۽ سن جو رشتو، جنهنکي اڄ به هي ڌرتي اڪير ۽ پيار سان ياد ڪري ٿي ـ
اسٽيج تي ويٺل هڪ ٻئي سائين راشد مورائي جي ويجهي دوست ۽ ساٿي عظيم سنڌي ڳالهائيندي چيو ته سائين اسان جو وڏو هو، مورو ان دور ۾ سڄي سنڌ اندر قومي تحريڪ جي مرڪز طور سڃاتو ويندو هو، جنهن ۾ راشد مورائي جو هٿ هو. هن چيو ته مورو شهر جا عظيم انسان ناصر مورائي، محبوب شاھ، مٺل ڪمالاڻي، سڪندر زمان، شهيد عبدالرزاق سومرو، صلاح الدين پنهور، خان محمد پنهور ۽ ٻيا جيڪي وطن پرست ۽ سنڌ دوست رهيا آهن، راشد مورائي به انهن مان هڪ هو، هن خاڪي جويي جي شعر سان پڄائي ڪئي ـ
سامراجي ڪتا ڀوڪندا ڀل رهن
پاڻ کي هاڻ آزاد گهرجي وطن
۽ آخر ۾ راشد مورائي جو شعر مان باغي هان، مان باغي هان ٻڌايو ـ
سابق پ ٽ الف اڳواڻ مولا بخش ٻرڙي تقريب کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته مونکي اهو اعزاز آهي جو مان سائين راشد سان نوڪري دوران اسڪول ۾ استاد هئس ۽ ست سال سندس نائب رهيس، مون کيس ذهن ساز انسان جي حيثيت ۾ پرکيو، هن پڙهائڻ دوران استادن جو بهترين حلقو پيدا ڪيو، تعليمي ڪاميٽي جوڙائي بهترين استادن جي ٽيم جوڙي ۽ تعليم کي بهتر ۽ معياري بنائڻ لاءِ قومي فرض ادا ڪيو. اديب ۽ شاعر جي حيثيت ۾ تمام گهڻا خوبصورت ذهن ۽ نوجوان پيدا ڪيا، جيڪي اڳتي هلي تمام وڏا ذهين ثابت ٿيا جن ۾ هاشم کوسو، ادريس جتوئي، رکيل مورائي، احمد سولنگي ۽ ٻيا ڪيترائي موجود آهن پاڻ شاعريءَ ۾ ڌرتي جي ماڻهن سان محبت وارو رويو رکندو هو. سنڌ جا وڏا شاعر، ننڍڙا ماڻهون، پر راشد مورائي ڪردار جو سچو، قول ۽ فعل ۾ فرق نه هوندو هو، ڊيوٽي جو پابند تعليم کاتي اندر رشوت خلاف تحريڪ هلايائين، اسانجي وچ ۾ راشد راڻو هو. مرحوم عبدالحق ميمڻ سان گڏجي ڪڻڪ جا لابارا ڪندو هو ۽ انهن لابارن ۾ قومي رنگ ڀريندو هو. تمام وڏو ماڻهون هو ـ
نوجوان اديب ۽ شاعر پروفيسر اصغر ڀريائي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته برصغير جي صوفي شاعرن جي هڪ ڳالھ زبردست رهي آهي ـ جو دم غافل، سو دم ڪافر ـ
راشد مورائي سڄي زندگي ان انداز ۾ گذاري، ادب، شاعري، استاد تنظيمون، قومي ڪردار مطلب ته سڄي ڄمار سجاڳ ذهن ۽ متحرڪ ڪردار رهيو ۽ پنهنجو هڪ خوبصورت طويل نظم پيش ڪيائين ـ
منصور جي گفتار ، راشد مورائي
آ رت ۾ ٻڏل تلوار، راشد مورائي
ان بعد ساس موري جي سابق سيڪريٽري محبتي ملاح راشد مورائي کي پنهنجو ادبي رهبر ڪوٺيندي سندس ياد ۾ ڀيٽا طور هڪ نظم سامعين کي ٻڌائي خوب داد حاصل ڪيو ـ
قومي عوام شاعر راشد مورائي
سنڌ جو سونهون شان راشد مورائي
قومي عوامي، باغي شاعر، راشد مورائي
ان بعد اسٽيج تي ويٺل مهمان شاعر مهر ڊرٻائي ڳالهائيندي چيو ته سائين راشد مورائيءَ جي وڇوڙي کان اڳ بيماري دوران ساڻس ملڻ ٿيو، منهنجي خوشنصيبي آهي. سن سندس مرڪز هو، هن چيو ته محبوب جي زلفن ۾ ڦاٿل شاعرن جي قوم کي ضرورت نه آهي، هو غيرتمند ۽ باغي شاعر هو، هن چيو ته ڪمال جي ڳالھ آهي. بخاري موڪلائي ويو ته دادو سڃيو، راشد ويو ته مورو سڃيو، سرويچ ويو ته لاڙ سڃيو، آخر ۾ هن خوبصورت شعر ٻڌائي محفل کي چار چنڊ هڻي ڇڏيا ـ
اسين ديسي واسي ٿا بک پلاڻيون
ان بعد جديد شاعري ۾ مڃتا ماڻيندڙ سنڌ پرست شاعر گدا خاصخيلي خوبصورت شاعري ٻڌائي:ـ
هر ٺڪر ۾، هر ڀتر ۾، هر پٿر ۾ ويچار ٿيو آ
ڪارونجهر جي هر هڪ ڇپ ۾ ويچار ٿيو آ
ڪراچي کان ڪهي آيل نوجوان اديب ۽ شاعر رکيل مورائي پنهنجي خيالن جو اظهار راشد مورائي جي شعر سان شروع ڪيو ـ
دل چوي ٿي ته تنهنجي اڱڻ جي مٿان
ياد جي روشنيءَ کي پکيڙي ڇڏيان
راشد مورائي جنهن دور ۾ شاعري ڪئي، ان لهجي واري دور ۾ عبدالڪريم گدائي، نياز همايوني، سرويچ سجاولي، ابراهيم منشي، فڪري طور قومي تحريڪ کي شاعري ۾ قوت بخشي، پاڻ هڪ بهترين شاعر هو، سندس غزل ۽ شاعريءَ تي فڪري ويهڪ ٿيڻ گهرجي. هن شاعري ۾ جيڪو دڳ ۽ لهجو ڏنو اهو منفرد هو. جيتوڻيڪ مزاج ۾ سخت هو. آءَ انهن ٻنهي شخصن کي سڃاڻان هڪ راشد جنهن اهو شعر چيو ۽ ٻيو جنهن لاءِ چيو هيائين ـ
راشد وئي اڏي ننڊ نيڻ منجهان
پيار جي گود ۾ موت پيو ٿو پسان
شل اکڙين سان آزاد ٿيندي ڏسان
سنڌ جيجل امان، منهنجي دل ٿي چوي
مذهبي اسڪالر ۽ سياسي اڳواڻ مولانا عزيز الله ٻوهيي تقرير ڪندي چيو ته مان ڪو اديب ۽ شاعر ته نه آهيان، پر راشد مورائي سان ڪيتريون ئي يادون وابسته آهن. هڪ دفعي راشد مورائي مونکان سوال پڇيو ته ڄام ساقيءَ ڏهرڪي کان ڪراچي تائين پيرين پنڌ قافلو شروع ڪيو آهي ۽ مطالبو رکيو اٿس، سنڌ ۾ ڌاڙيلن کي عام معافي ڏني وڃي، ڇا اهو درست آهي؟ مون جواب ۾ کيس هڪ قصو کڻي ٻڌايو: ملڪ جي صدر جنرل ضيا جو چوڻ هو ته ڌاڙيل ڪلچر اسان هٿ وٺي پيدا ڪيو آهي ته جيئن سنڌ واسي پاڻ ۾ ڦاٿل رهن ۽ پوءِ راشد چيو ته مونکي جواب ملي ويو. هن ڪيترائي برصغير جا تاريخي واقعا ٻڌايا ۽ چيو ته ڪالھ اخبارن ۾ سعودي عرب جي بادشاھ محمد بن سلمان چيو آهي ته مغربي ملڪن جي دٻاءَ سبب اسان وهابيت کي هٿي ڏيڻ لاءِ مدرسا ۽ مسجدون ٺهرايون صرف روس کي شڪست ڏيڻ لاءِ. هن چيو ته 1857ع ڌاري جنگ آزاديءَ دوران انگريزن بهادر شاھ ظفر کي گرفتار ڪيو هو. مولانا قاسم نانوتوي سان ڳالهين دوران انگريزن ساڻس ٻه شرط رکيا هئا، هڪ ته مدرسا تعليم شروع ڪرايو، حديث جو علم پڙهايو وڃي ۽ ٻيو اسان جي حڪمراني قبول ڪرڻ لاءِ فتوي جاري ڪيو، منهنجون پير پاڳاري سان سندس زندگيءَ ۾ ڪيتريون ئي ملاقاتون ٿينديون رهنديون هيون ۽ بحث مباحثا ٿيندا هئا. مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته اسانجي مذهب دين اسلام ۾ فرقه بندي ڪرائڻ ۾ انگريزن جو اهم ڪردار آهي ـ
تقريب دوران ٻن ڪتابن هر هڪ “ڳاڙهي باک ڦٽي”، شاعري ۽ ٻيو خطن تي مبني ڪتاب، “سڄڻن جا سنيها” جي مهورت پڻ ٿي، جيڪا اسٽيج تي ويٺل صدارت ڪندڙ حليم باغي، احمد سولنگي ۽ مڙني معزز مهمانن هٿان مهورت رونمائي ٿي ـ
ٿر کان ڪهي آيل سائين راشد مورائي جي دوست مامي جمن دربدر هن شعر سان شروعات ڪئي:ـ
هو چوني لڏ، ته به پاڙو نه ڇڏ پرينءَ جو (شاھ) ــ
هن چيو ته سائين راشد جون يادون ياد اچن ٿيون، وقت جو پابند هو، فڪري ۽ علمي پورهيو ڪيائين، مورو اسان لاءِ معتبر آهي. روبرو اچي حاضري ڀربي هئي، اڄ به آيا آهيون ۽ ايندا رهنداسين. هن ڪيتريون ئي ساروڻيون ٻڌايون آخر ۾ راشد جو شعر ٻڌايو ـ
جاڻ ڪرڻ ۽ جوڙ تي بندش
ساٿ سان اورڻ سور تي بندش
ناز وارن جي ناز تي بندش
محبوبي انداز تي بندش، اڻ ٿيڻي آ، اڻ ٿيڻي آ
راشد مورائي چوٿين ورسي تقريب جي مهمان خاص ۽ سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي پنهنجي خطاب دوران سڀ کان اول راشد مورائي يادگار ڪاميٽي، سنڌي ادبي سنگت موري کي جس ڏيندي چيو ته اڄوڪي تقريب علمي، ادبي ۽ فڪري ويهڪ آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ، ڪراچي، لاڙ، ٿر، ڪاڇو، اتر ۽ ساهتي جا سڀئي سنڌ واسي اديب، شاعر، قلمڪار، فنڪار ۽ آرٽسٽ موجود آهن، مورو منهنجو جنم ڀومي آهي ۽ ساس مورو منهنجي پهرين مڌر برانچ آهي ۽ مونکي اعزاز آهي ته مان سيڪريٽري هيس ۽ اهو راشد مورائي جو احسان آهي. دنيا ۽ سنڌ ۾ سياسي هلچل کان متاثر ٿي دنيا جي آرٽسٽن پنهنجو ڪم شروع ڪيو. فطري طرح سائين راشد مورائي شاعر هو، پنهنجي ڏات کي وسعت بخشڻ لاءِ شعوري ۽ آدرشي گس ڏانهن هليو. سائين جو والد محترم سيد علي شاھ پڻ تمام وڏو شاعر هو ۽ سندس ڪلام پڻ سهيڙڻ گهرجي. راشد مورائي شاعر ابن شاعر آهي. سندس ڀاءَ روشن علي شاھ تصوف وارو شاعر هو، پاڻ شعر و ادب گهراڻو هو. راشد هڪ آرٽسٽ شاعر هو. صحت مند اثرن کي هر آرٽسٽ قبول ڪيو آهي. اصلوڪو ۽ سچو شاعر ئي وڏو ٿي سگهي ٿو. سياسي، سماجي، اقتصادي، شعري روايتن کان ڪم وٺندا آهن، سنڌي شاعريءَ ۾ ڪشچند بيوس وڏو شاعر هو، عبدالڪريم گدائي پنهنجي دور جو جديد ۽ وڏو شاعر هو ان کان پوءِ اياز آيو، جنهن سنڌي ۾ جديد شاعري ڪئي. ائين نياز همايوني، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي ۽ راشد کي حالتن تمام وڏو شاعر بنايو. شاعر جو سڀ کان اول وطن پرست هئڻ تمام ضروري آهي ۽ راشد وطن پرست هو. هن جو هڪ خواب هو، سندس شاعريءَ ۾ سندس محبوب هميشه سنڌ رهي آهي، هن پنهنجي شاعريءَ ۾ غزل سان ڀرپور نڀايو آهي. هنر مند شاعر هو رديف ۽ ڪافيي جو ڄاڻو هو. سندس بنيادي شاعري جا ڪتاب “سنڌڙي جو سوداع”، “ميندي سندا کيت”، “ڳاڙهي باک ڦٽي” ۽ ٻيا آهن. پاڻ هڪ استاد، شاعر ۽ قومي، عوامي، انقلابي شاعر هو، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت پڻ رهيو. مون پنهنجي شاعري جو ڇپيل ڪتاب “خواب آوارا پکي” سڀ کان اول سندس خدمت ۾ پيش ڪيو ۽ دعا ورتي، سندس شاگردي ۾ رهڻ دوران شفقت رهي، آءٌ خوشنصيب آهيان جو راشد جهڙو مون کي استاد مليو ـ
آخري ۽ صدارتي تقرير ڪندي حليم باغي پنهنجي خطبي ۾ چيو ته فارسي جو هڪ شعر آهي جنهن جو مطلب اهو آهي ته: “اسان جي گذاري وڃڻ کان پوءِ اسان جي قبر زمين ۾ نه ڳولجو، اسان ماڻهن جي دل ۾ وسون ٿا”. راشد مورائي سنڌ جي سرموڙ شاعرن واري قافلي ۾ شريڪ هو، جن ۾ شمشير الحيدري، نياز همايوني، عبدالڪريم گدائي، ابراهيم منشي، استاد بخاري ۽ سرويچ سجاولي شامل هئا. هن ڪڏهن به مات نه قبولي، خوددار شخصيت هو. اسان کي مورو شهر راشد مورائي جي ڪري وڻندو آهي. هتي شريڪ ٿي اسان کي دلي خوشي ۽ روحاني سڪون ملندو آهي. آخر ۾ هن راشد جي شاعري ٻڌائي:ـ
جڏهن به سوچيم ته آنءَ ڇا ڪريان ۽ ڇو ڪريان
جي قوم آهي بي وفا ته مان به ڇو وفا ڪيان
چيم ته ڪنڊ ۾ رهي، رڳو خدا خدا ڪيان
ته ذهن ۾ سيون لڳيون، ضمير چهنڊڙيون هنيون
اهڙي طرح هي علمي ادبي ۽ فڪري نشست رات ڏهين وڳي ختم ٿي، ان بعد آيل سڀني مهمانن کي رات واري ماني کارائي وئي، جنهن بعد راڳ رهاڻ جي محفل ٿي جنهن ۾ نوجوان راڳي عابد سولنگي ۽ ٿر کان آيل مٺڙي آواز جو مالڪ رجب فقير ۽ رفيق فقير سڄي رات سر وکيريا ۽ ڳائي محفل کان خوب داد حاصل ڪيو، اهڙي طرح هي چوٿين ورسي تقريب رات پڄاڻان چنڊ لهڻ ويل پوئين پهر چئين وڳي ڌاري ختم ٿي ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …