Friday , February 26 2021
تازاترين
Home / مضمون / سنڌي سماج ۾ عورتن سان ظلم ـ ظفر ٻگهيو

سنڌي سماج ۾ عورتن سان ظلم ـ ظفر ٻگهيو

اها ڪيتري ڏک ۽ افسوس جي ڳالھ آهي، ته سنڌي عورت پنهنجي حقن کان بي خبر ۽ محروم آهي، دنيا جي سڌريل ملڪن جي عورت کان گهٽ باصلاحيت اسان جي سنڌي عورت به ناهي، پر کيس مردن جي معاشري ۾ پنهنجن حقن کان بي خبر رکيو ويو آهي. اها عورت هڪ زال، هڪ ماءُ، هڪ ڌيءُ ۽ هڪ ڀيڻ جهڙن عظيم رشتن سان ڳنڍيل ته ضرور آهي پر انهن عظيم رشتن کي به غلامي جو وسيلو بنايو وڃي ٿو، ڪٿي اها ڀيڻ جي حيثيت ۾ ڪاري چئي قتل ڪئي وڃي ٿي، ته ڪٿي وري ماءُ جي روپ ۾ ان کي پنهنجي گهر مان ڌڪا ڏئي ڪڍيو وڃي ٿو، ته ڪٿي وري زال جي روپ ۾ شڪ جي بنياد تي ان جي زندگي زهر بڻائي وڃي ٿي، اسان جي سنڌي عورت اڃ به اگهاڙن پيرن، ڪپڙن کي چتيون لڳل ۽ پراڻا ڪپڙا پائي جهر جهنگ جهاڳي مزدوري ڪري پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي ٿي، اسان سنڌي عورت اڄ به اوهان کي روڊن تي پٿر ڍوئيندي، سارين جو رونبو ڪندي، ڦٽين جو چونڊو، ڪمند جي ڇلي، مال ڍور ڍڳا چارڻ، گاھ ڪرڻ ۽ فصل مان گند گاھ ڪڍڻ جا ڪم سرانجام ڏيندي نظر ايندي ۽ پنهنجي ور سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪندي نظر ايندي، پر افسوس جو اسان جي سنڌي عورت تعليم، صحت ۽ ٻين ڪمن ۾ بلڪل پوئتي نظر ايندي ـ
تاريخ شاهد آهي ته ميدان ڪربلا هجي يا ٻي عالمي جنگ هجي، عورتن مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نڀايو آهي ۽ رب پاڪ کان پوءِ ڪائنات جي خلقيندڙ يعني تخليق هڪ عورت آهي ته پوءِ ايڏو وڏو ظلم عورت سان ڇو؟؟؟؟
سنڌي سماج ۾ اڄ به عورتن سان عربن جي دور وارو ورتاءِ ڪيو وڃي ٿو، ڪٿي معصوم ٻارڙين کي جهور پوڙهن سان پرڻايو وڃي ٿو، ته ڪٿي وري نياڻي ڄمندي ئي ڪنهن ڇوڪري جي نالي ڪئي وڃي ٿي، يعني عورت کي پنهنجي پسند سان زندگي گذارڻ جو ڪو به حق ناهي ۽ عورت کي سڄي عمر گهر ۾ قيد ڪري هڪ غلام جيان ڪم ورتو وڃي ٿو، نه رڳو ايترو ئي پر اسان جي غليظ معاشري ۾ ماڻهو پٽ جي ڄمڻ تي ته مٺايو ورهائين ٿا، پر ڌيءَ جي ڄمڻ کي نڀاڳ ڪوٺين ٿا ۽ ان ڌيءَ ڄڻڻ جي گناھ جو عذاب به هڪ عورت (ماءَ) کي ڀوڳڙو پوي ٿو، عورت جي عظمت، سور، سهپ، سيوا، محبت، محنت، عورت هت ابتڙ بي ڏوهي ماري وڃي، ڪارو ڪاري ڪلچر، انڌو آهي رواج، عورت هيڻي هت، مرداڻو سماج، عورت هن سماج ۾ گهٽجن ۽ گهائجن ـ
عجيب ٿو لڳي ته اڄوڪي هن سائنسي ۽ جديد دور ۾ جتي انسان چنڊ سان ڳالهيون ڪري ٿو اُتي عورت کي ڪابه سهولت ميسر ناهي، جيڪڏهن دنيا جو جائزو وٺنداسين ته آبادي جو اڌ کان مٿي حصو عورتن تي ٻڌل آهي پر افسوس ان ڳالھ جو آهي ته سنڌي سماج توڙي دنيا ۾ هر جاءِ تي عورتن سان نه صرف امتيازي سلوڪ ڪيو وڃي ٿو پر مردن جي هن معاشري ۾ عورتن کي ٻي درجي وارو انسان سمجهيو وڃي ٿو، اهو سبب آهي جو اڄ دنيا توڙي سنڌي سماج ۾ عورت کي گهٽ سمجهڻ ڪري معاشرو ترقي نه ڪري سگهيو آهي ـ
دنيا جي عظيم ڏاهي ۽ مفڪر اعظم رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد عورتن جي باري ۾ چيو آهي ته جيستائين عورتن کي جائز حق نه ڏنا ويندا، منجهن تعليم عام نه ڪئي ويندي، پردي جي ديوارن ۽ برقعن ۾ عورتن کي بند ڪرڻ عيوض اخلاقي نقطي نگاھ کان نه ڏٺو ويندو، عورتن کي زندگيءَ جي ڪاروبار ۾ شامل نه ڪيو ويندو تيستائين ملڪ ۾ ترقيءَ جي اميد رکڻ بي سود آهي، پر افسوس ان ڳالھ جو آهي ته قومي تحريڪ ۾ ٻين پارٽين جي ڀيٽ ۾ عورتن جو انگ بنھ نه هئڻ جيترو هوندو آهي، الائجي ڇو اسان جي قومي تحريڪ جا اڳواڻ سنڌ جي عورتن کي اهو شعور نه ڏئي سگهيا آهن ته گهر کان علاوه به ڪا ٻي دنيا آهي ـ
سڄي دنيا اندر پنهنجي زندگي گذارڻ خاص ڪري مذهبي آزادي مليل آهي، پر سنڌي سماج ۾ مذهب کي پنهنجو رنگ ڏنو ويو آهي جنهن کي وڻي ته ڪنهن هندو نياڻي کي اغوا ڪري ان جي مرضي کان سواءِ ان جو مذهب مٽائي ان سان شادي ڪري ڇڏي، سنڌ جي نياڻي رنڪل ڪماري، جنهن کي هٿ ٺوڪيل ملن ۽ نام نهاد گادي نشينن پنهنجو هٿ ٺوڪيو مذهب مڙهي بندوق جي زور تي معصوم نياڻين جو مذهب مٽائي سندن زندگي زهر بڻائي ڇڏي ـ
سنڌ جي شهرن ۾ ته ڪجھ نالي ماتر سنڌي عورتن ۾ تعليم جو ريشو آهي پر سنڌ جي ٻهراڙي جي عورت تعليم جي حق کان به محروم آهي ۽ ان کي تعليم پرائڻ جيتري به آزادي حاصل ناهي، اسان جي سماج ۾ عورت کي آزادي ملڻ جون ڳالهيون ڪرڻ ئي ڏوھ سمجهيو ٿو وڃي، وڏيرڪي ۽ جاهلاڻي نظام ۾ عورت کي صرف گهريلو سونهن سمجهيو وڃي ٿو، سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ عورتن کي پنهنجا جائز حق ڏيڻ لاءِ کوڙ ڀيرا بل منظور ڪيا ويا، پر اسيمبلي ۾ مردن جي اڪثريت هجڻ ڪري بل تي عمل نٿو ٿي سگهي، قانونن توڙي سڀني مذهبن ۾ عورتن کي احترام جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو پر انساني حقن جون علمبردار تنظيمون عورتن سان ٿيندڙ بي واجبين تي خاموش آهن، جيڪڏهن اها ساڳي روش سماج جي عورت سان رهي ته عورت زندگي زهر بڻجي ويندي ۽ ان جا سور سوايا ٿي ويندا ـ
آءُ هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ اهو چوندس ته عورت ۽ مرد هن سماج جا لازم ۽ ملزوم آهن، جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته سماج ۾ بيهتري اچي ۽ تبديلي اچي ته پوءِ عورت کي پنهنجا جائز حق ڏيڻا پوندا نه ته سنڌي سماج ۾ هجي عورت سان ظلم ته پوءِ تبديلي ڪيئن ممڪن بڻجي سگهندي؟!!!! ـ

Check Also

ڳوٺ الهڏنو پنهور جي 13 سالن جي معصوم نينگري شڪيلان رند تحفظ لاءِ ڊپٽي ڊائريڪٽوريٽ وومين سيل نوابشاھ پهتي

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ الهڏنو پنهور جي 13 سالن …