Saturday , February 27 2021
تازاترين
Home / رپورٽس ڊائري / سنڌي ائسوسيشن آف يو اي اي پاران تعلقي ڊگهڙي برسات متاثرن لاء ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي: ڊاڪٽر عامر گڏاڻي

سنڌي ائسوسيشن آف يو اي اي پاران تعلقي ڊگهڙي برسات متاثرن لاء ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي: ڊاڪٽر عامر گڏاڻي

سنڌي ائسوسيشن آف يو اي اي پاران ميرپورخاص جي تعلقي ڊگهڙي ۾ نئون دمبالو روڊ تي برسات متاثرن لاء ايمرجنسي ميڊيڪل رليف ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن ۾ 450 کان مريضن کي تپاسيو ويو ۽ عالمي معيار جون مفت دوائون  ڏنيون ويون، ان سان گڏ مڇرن کان بچاء لاء 200 مهاريون ورهايون ويون. خادمين سنڌ فائونڊيشن جي سهڪار سان ايمبولسىنس سروس مهيا ڪئي وئي ـ 

ايس اي يو اي اي جي چيف آرگنائيزر انجنيئر ماجد حيدري، مرڪزي آرگنائيزرس انجنيئر مسلم بڙدي، ڊاڪٽر واجد حيدري ڪيمپ کي آرگنائيز ڪرڻ  ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪندڙ ڊاڪٽر ڌرميندر ڪولهي، ڊاڪٽر مڪيش ڪمار، خادمين سنڌ فائونڊيشن جي پنهل لاڙڪ،  ممتاز آريسر، عابد ڪوري سميت ڊگهڙي جي دوستن کي خراج پيش ڪيو. ايس اي يو اي اي جي پوري ٽيم يو اي اي ۾ سهڪاري دوستن جو پڻ شڪريو ادا ڪيو جنهن برسات متاثرن جي سهائتا لاء پنهنجو شانئتو ڪردار ادا ڪيو. ميڊيڪل ڪيمپ ۾ جسم چيئرمين رياض چانڊيو، سيد نواز شاھ ، پنهل جمالي ۽ ٻين تر جي سياسي، سماجي اڳواڻن شريڪ ٿي ڊاڪٽرز ۽ رضاڪار ٽيم کي  خراج پيش ڪيو. ايس اي يو اي اي پاران ٻه روزا  ميڊيڪل ڪيمپ سنڌ بلوچستان بارڊر ايريا قبو سعيد خان ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ لڳائي ويندي ـ

 

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …