Saturday , February 27 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / سدا واھ شاخ جي پڇڙي تي جوڊيشل ميجسٽريٽ ون جج شفيق احمد کرل جو مختلف واٽرن جو دورو

سدا واھ شاخ جي پڇڙي تي جوڊيشل ميجسٽريٽ ون جج شفيق احمد کرل جو مختلف واٽرن جو دورو

شهدادپور(رپورٽ: رجب رند) شھدادپور لڳ آبادگارن جي شڪايت تي سول جج جو سدا واھ شاخ جي پڇڙي جو دورو گذريل ٽيھ سالن کان بند پيل شاخ جج جي اچڻ کان اڳ معجزي وانگر پاڻي سان ڀرجي وئي جج شفيق احمد کرل اڳيان آبادگارن جون دانهون پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ جو مطالبو ـ
تفصيلي خبرموجب: سدا واھ شاخ جي ڀڇڙي جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف جوڊيشل ميجسٽريٽ ون جج شفيق احمد کرل جي عدالت ۾ داخل ڪيل ڪيس جو نوٽيس وٺندي سدا واھ شاخ جي پڇڙي جي مختلف واٽرن جو دورو ڪيو، سندس گڏ ايس ڊي او ايريگيشن ذوالفقار کوسو پڻ گڏ هو، جج سدا واھ شاخ جي مختلف واٽرن جو دوروڪيو، علائقي جي سوين آبادگارن جج آڏو دانهون ڪندا رهيا ته اسان وٽ ٽيھ سالن کان پاڻي جي کوٽ آھي، اسان وٽ هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻجي ويون آھن پر ايس ڊي او منڍ جي آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيو آھي، اسان جي علائقي ۾ زميندار زمينون بنجر بڻجي وڃڻ سبب فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبورآھن، سول جج شفيق احمد کرل ايس ڊي او کي حڪم ڏيندي چيو ته هنن آبادگارن کي سدا واھ شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي پهچائي ڏنو وڃي، جڏهن ته ٻي طرف ايس ڊي او ذوالفقار کوسو جج جي پهچڻ کان اڳ شاخ ۾ پاڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيو جنهن تي آبادگارن حيرت جو اظھار ڪندي چيو ته هن مان معلوم ٿيو ته هي پاڻي بند هٿ سان ڪيو پيو وڃي، راشي ايس ڊي او منڍ جي آبادگارن کي پاڻي وڪرو ڪري رهيو آھي اسانکي پاڻي مهيا ڪري زمينن کي بنجر بڻائڻ بند ڪيو وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …