Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / سانگهڙ ۾ پيءَ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڊويزن جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ انجنيئر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

سانگهڙ ۾ پيءَ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڊويزن جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ انجنيئر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

سانگهڙ (رپورٽ: رجب رند) ايل بي او ڊي ڊرينيج ڊويزن ميرپور خاص ۾ 15 سالن کان مڪينڪ طور ڪم ڪندڙ صاحب ڏنو عرف رياض ميمڻ جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سندس پٽ ڪاشف ميمڻ سانگهڙ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته بابا 15 سالن کان ڊرينيج ڊويزن ميرپورخاص ۾ مڪينڪ طور ڪم ڪندو هو، پگهارون به ملنديون هيون، پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ظهير ميمڻ ۽ ڊرينيج ڊويزن جي انجنيئر رياض ڀرڳڙي پنهنجا ماڻهون ڀرتي ڪرڻ لاءِ منهنجي والد کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، جنهن بعد منهنجو پي ذهني دٻاءِ جو شڪار هو، سندس موت جو ڪارڻ اهي ٻئي آفيسر آهن، جن پنهنجا ماڻهو ڀرتي ڪرڻ لاءِ منهنجي پي کي نوڪري مان ڪڍي ڇڏيو، هن چيو ته هاءِ ڪورٽ ڪچن ملازمن کي پڪو ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ته هنن پراڻن ملازمن کي ڪڍي نون ملازمن کي ڀرتي ڪري ڇڏيو، جيڪا سراسر ناانصافي آهي، هن چيو ته اسين غريب ۽ مسڪين ماڻهون آهيون. محنت مزدوري ڪري پنهنجو پيٽ گذر ڪندا آهيون، هنن ايريگيشن آفيسرن اسان سان وڏي زيادتي ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ، هاء ڪورٽ ۽ وس واريون ڌريون منهنجي پي جي قاتلن جي گرفتاري لاء مون کي انصاف ڏيارين ۽ والد جي ڪوٽا تي مون کي نوڪري ڏني وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …