Saturday , February 27 2021
تازاترين
Home / پرڏيهي خبرون / سائنسدان پهريون ڀيرو بليڪ هول جي پهرين تصوير ڪڍڻ ۾ ڪامياب

سائنسدان پهريون ڀيرو بليڪ هول جي پهرين تصوير ڪڍڻ ۾ ڪامياب

 لنڊن (ويب ڊيسڪ) سائنسدان پهريون ڀيرو بليڪ هول جي پهرين تصوير ڪڍڻ ۾ ڪامياب، 29 سالن جي ڪمپيوٽر سائنٽسٽ ڪيٽي بومن جنهن سائنسدانن جي ان ٽيم جي قيادت ڪئي جنهن بليڪ هول جي تصوير ڪڍڻ وارو ايلگورٿم ٺاهيو. ان کان اڳ سائنسي حلقن ۾ اهو خيال ڪيو ويندو هو ته اهڙي قسم جي تصوير ڪڍڻ شايد ممڪن نه هجي ـ
ڪيٽي بومن 3 سال اڳ الگورٿم ٺاهن شروع ڪيو هو. بليڪ هول جي اها تصوير ايونٽ هورائيزن ٽيلي اسڪوپ (اي ايڇ ٽي) ٺاهي، جيڪو اصل ۾ 8 دور بينين جو پاڻ ۾ جُڙيل هڪ نيٽورڪ آهي. پر اُنهن الڳ الڳ دوربينين جي ٺاهيل تصوير کي ڊاڪٽر ڪيٽي بومن جي ايلگورٿم رينڊر پاڻ ۾ ڳنڊيو. بليڪ هول جي اها تصوير ڪڍڻ لاءِ انٽارڪٽيڪا کان چِلي تائين دوربينين جي پکڙيل نيٽورڪ کي ڪتب آندو ويو ۽ هن ڪم ۾ 2 سئو کان وڌيڪ سائنسدان شامل هئا ـ
ڪيٽي بومن پنهنجي فيس بڪ آءِ ڊي تي جاري ڪيل اسٽيٽس ۾ لکيو آهي ته ”جيئن جيئن بليڪ هول جي تصوير حصن ۾ ٺهي رهي هئي، مون کي ته يقين ئي نه پئي آيو.“ ـ
بليڪ هول 140 ارب ڪلوميٽر ڊگهو يعني زمين کان ٽي سيڪڙو وڏو آهي، اهو مسينير 87 ڪهڪشان ۾ موجود آهي جتي 10 ڏينهن تائين اسڪين ٿيندو رهيو. انهيءَ کان علاوه بليڪ هول زمين کان 500 ملين ٽريلين ڪلوميٽر پري آهي ـ
ڊاڪٽر بومن ۽ ٻين سائنسدانن گڏجي اهڙن ايلگورٿمز جو ڄار جوڙيو، جِن مختلف دوربينين ذريعي حاصل ٿيل ڊيٽا کي هن تاريخي تصوير ۾ تبديل ڪيو. هاڻ اُن تصوير کي دنيا آڏو آندو ويو آهي، ڪوبه هڪ ٽيلي اسڪوپ ايڏو طاقتور ناهي جو بليڪ هول جي تصوير ڪڍي سگهي، تنهن ڪري انٽرفيروميٽري نالي ٽيڪنيڪ ڪتب آڻيندي 8 دوربينين جو هڪ نيٽورڪ تيار ڪيو ويو. اُنهن دوربينين کي سوين ڪمپيوٽر هارڊ ڊرائيوز ۾ محفوظ ڪيو ويو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …