Friday , March 5 2021
تازاترين
Home / مضمون / رت جو بدلو رت ئي آهي، هرڪو بدلو ڏيندو …! ـ علي عاجز

رت جو بدلو رت ئي آهي، هرڪو بدلو ڏيندو …! ـ علي عاجز

جڏهن ڪنهن خوبصورت اکين ۽ نڀو ڪارن واري ڇوڪريءُ جو محبوب ماريو ويندو آهي ته فقط انهي اُپسرا جي اکين مان ئي لڙڪ لارون ڪري وهندا آهن. پر جڏهن سنگينن سامهون سينو تاڻي بيٺل انقلابي ماريو ويندو آهي ته ڌرتي جي دل ڌُڏي پوندي آهي. آسمان جي اکين مان لڙڪ لڙي پوندا آهي ـ
عالمي سرمائيدار آمريڪا 70ع کان 90ع تائين پنهنجي وجود کي بچائڻ ڪاڻ جيڪا خطرناڪ راند کيڏيو هو. اها هئي دنيا ۾ فوجي جنتا کي هٿي وٺرائي ريفن جو راڄ قائم ڪرائڻ. جنهن لاءِ پوري دنيا سان گڏو گڏ لاطيني آمريڪا آفريڪا ۽ ايشيا جي ملڪن ۾ عوامي حڪومتن خلاف سازشن جو ڄار وڇايو ويو. جنهن جو شڪار سڀ کان پهريان چلي جو سوشلسٽ صدر آلندي بڻيو هو. جتي پيئبلو نرواد کان امن جي سيفر جو عهدو کسي کيس اذيت خانن جو مهمان بڻايو ويو. وڪٽرا ھارا جي ڪٽار کي گولين سان گهايو ويو هو. گهانا جي نڪروما جو تختو اونڌو ڪيو ويو هو. بنگال جي سڻي جي گلن جي هُٻڪار سونهار بنگلاديش جي سرواڻ شيخ مجيب الرحمان کي ماريو ويو. لاطيني آمريڪا جي ملڪ ارجنٽينا بوليويا ۾ پڻ فوجي ورديون پاتل مڇريل جهنگلي سوئرن جا ڌڻ ڇيڪ ڇڏيا ويا. پاڪستان ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جي تڏا ويڙھ ڪري ضياالحق کي اڳتي آندو ويو. مون کي ياد ناهي ته ان وقت جي اديبن دانشورن شاعرن انهي فوجي فاشزام خلاف ڪا اهڙي اپيل به ڪئي هئي يا نه جهڙي اپيل هٽلر ازم جي هانءُ هلائيندڙ حملن وقت هينري بابرس، مئڪسم گورڪي، رومين رولان، ٽامس مان، آندري مارلو ۽ والڊو فرينڪ سميت ڪيترن ئي اديبن اپيل ڪئي هئي ته ”اي قلمڪارساٿيو! موت جي خلاف زندگيءَ جو ساٿ ڏيو، اسان جو قلم، اسان جو فن ۽ اسان جو علم موت جو سڏ ڏيندڙ قوتن خلاف رڪجڻ نه گهرجي، جيڪي انسانيت جي نڙيءَ تي نَنهن ڏين ٿا، جيڪي پئسن جي ٻل تي حڪومت ڪن ٿا، جيڪي ڪارخانيدارن ۽ شاهوڪارن جي آمريت قائم ڪن ٿا ۽ نيٺ فاشزم جا مختلف روپ ڌاري سامهون اچن ٿا، سي اهي ئي طاقتون آهن، جيڪي معصوم انسانن جو رت چوسين ٿيون.“ پر پوءِ به سنڌ جي مهان ڪوي لکيو هو ـ
توڙي تن جي قوم الڳ آ
توڙي تن جو رنگ الڳ آ
توڙي تن جا ٻول نه ساڳيا
توڙي سر جو سنگ الڳ آ
ماڻھو سڀ هڪ جھڙا آهن
هيءّ به حقيقت آهي ليڪن
ڪي ماڻھو جّو روپ رکن ٿا
سچ ته شڪاري ڪتا آھن
ڪارا توڙي اڇا تن کي
هڪ جھڙا ڪاڻيٺا آھن
اڇا ڪتا ڪارا ڪتا
آپي شاهي وارا ڪتا
فوجي وردي وارا ڪتا
سارا پونجي وارا ڪتا
ها، ها، سڀ هڪ جھڙا آهن
 شيخ اياز ـ
سنڌ ڌرتي جي نوجوانن جون دليون انهي ظلم وحشت بربريت ۽ دهشت خلاف اهڙي همت هشمت ۽ شجاعت سان ٿي ڦڙڪيون ۽ ڦنڊيون جيئن سمنڊ ڪناري ڪنهن جوان جماڻ لسن چپن تي چپن جي ٻيڙي جي لنگر انداز ٿيڻ وقت هڪڙي عجيب خوشي جي احساس وچان اگهاڙين ٻانهن جا ڏورا ڦڙڪڻ لڳندا آهن، آمريت خلاف جدوجهد جي آغاز وقت کاٻي ڌُر جا ڪيترا ئي اهم اڳواڻ شهيد نظير عباسي گهنشام پرڪاش شبير لاشاري ڄام ساقي بدر ابڙو جمال نقوي شبير شر وارا گرفتار ٿي ويا. پر تن مان شهيد نظير عباسي سنڌيت جي جذبي سان سرشار اهو نوجوان هو. جيڪو ٽنڊي الهيار جي باغن واري ڀون مان نڪري حيدرآباد ۽ ڪراچي جي انقلابين سان گڏيو هو. پر تمام جلد پنهنجي مطالعي ڪمنٽمنٽ سياسي سنجيدگي سبب اهم اڳواڻ ٿي ويو هو. آخرڪار پوري دنيا ۾ رت جا پياسا رهندڙ قتل و غارت ۽ تشدد جا طريقا اپنائي معصوم ماڻهو ماريندڙ ماڻهو شهيد نظير عباسي جي پويان هٿ ڌوئي پئجي ويا. ڇاڪاڻ ته نظير عباسي ڪميونسٽ تحريڪ ۾ اهو واحد ماڻهو هو. جيڪو ڪامريڊ لينن کان پوءِ قومي سوال تي واضع ۽ چٽو بيٺل هو. تنهن ڪري هنن کي خطرو هو ته نظير عباسي اهو شخص آهي. جيڪو اڳتي هلي سنڌي عوام ۾ حقيقي جُڙت پيدا ڪري سگهي ٿو. تنهن ڪري کيس جيترو جلدي ٿي سگهي کيس رستي تان هٽايو وڃي. نيٺ ڪامريڊ نذير عباسي کي 30 جولاء 1980 تي گرفتار ڪيو ويو. 10 ڏينهن جي اندر 9 آگسٽ تي کيس تشدد ڪري شهيد ڪيو ويو. نامياري ڪالم نگار اعجاز منگي پنهنجي ڪتاب انالحق ۾ لکيو آهي ته “جڏهن کيس ناظم آباد جي روڊ تان ”فورڪي “ مان لاهي آمريت جا چوڪيدار هن جي اکين تي پٽيون ٻڌي هن کي هڪ اذيت گهر ۾ وٺي آيا ۽ هن کان سوين سوال پُڇڻ لڳا، نظير کائين آخري سگريٽ گهريو. هنن کيس سگريٽ ڏنو. نظير آخري سگريٽ دکايو، سگريٽ دکائي هو ڪش هڻڻ لڳو. آخري سگريٽ پورو ڪري پنهنجي جتي جي کڙي هيٺ ھيٺيان ان جو ٽوٽو رهڙي هن کين آرام ده انداز ۾ چيو. ”منهنجو نالو نظير عباسي آهي. هاڻي جيڪڏهن اهان مون کان منهنجو نالو ٻيهر کڻائي ويا تہ آئون توهان جي سڀني سوالن جا جواب ڏيندس.“ پوءِ غذاب ڏيندڙ سمورا اوزار حرڪت ۾ آيا ۽ انهن جي حرڪت هيستائين هلندي رهي جيستائين هن جي دل جي ڌڙڪن بند نہ ٿي. پر هن اکر زبان نہ اڪليو.“ تنهن ڪري شاھ لطيف جي لفظن ۾ شهيد نظير عباسي ئي ان دور جي کاٻي ڌر جي اڳواڻن مان فقط سورهيه سڏجڻ جي لائق آهي. بقول لطيف جي ته
ڪلي وير ڪٽڪ ۾، پاکر جو پائي
اڃا ان کي جيئڻ جو، آسانگو آھي
سورھ سو چائي، جو رڳوئي رڻ گھڙي
جيتوڻڪ اڄ نظير عباسي جا وارث ۽ دعويدار ته گهڻا ئي پيا سڏائن. پر شهيد جي قاتلن تي ڳالهيندي اھي ڏھ ڏھ ڀيرا ڏڪي اوسي پاسي ڪنڌ هڻي پوءِ آهستي آواز ۾ چوندا آهن.”مارشل لا وارا قاتل هئا” پر مون کي يقين آهي ته هڪ ڏينهن سنڌ جي سيني مان اوپڙ جيان آيل ڪوئي سرويچ اياز جي لفظن ۾ اهو چوندو ته
رَت جو بدلو رَتُ ئي آهي، هر ڪو بدلو ڏيندو
اهڙو ڏينهن به ايندوٺ
ڪائي آ رهي اک نه هوندي، لُڙڪ نه ڪو لاڙيندو
اهڙو ڏينهن به ايندو
ڏٿ به تنهنجو ڏيهه به تنهنجو، ڪو تو کان نه کسيندو
اهڙو ڏينهن به ايندو
اهڙو ڏينهن به ايندو ساٿي! اهڙو ڏينهن به ايندو
اهڙو ڏينهن به ايندو (شيخ اياز) ـ
۽ يقينن اهڙو ڏينهن به ايندو جنهن ڏينهن شهيد نظير عباسي سميت هن رياست جي اندر رياست قائم ڪري بي گناھ معصوم ماڻھو ماريندڙن کان عوام سمورو حساب ڪتاب ائين چُڪتو ڪندو جيئن لنڊن اسڪوائر تي جنرل ڊائر کان ڪيو ويو هو ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …