Saturday , February 27 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج رسول بخش سومرو ايس ايچ او سانگھڙ جمڻ کوسو کي ڪوڙ ڳالھائڻ ۽ عدالت ۾ غلط بياني ڪرڻ سبب ھٿڪڙيون لڳائي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج رسول بخش سومرو ايس ايچ او سانگھڙ جمڻ کوسو کي ڪوڙ ڳالھائڻ ۽ عدالت ۾ غلط بياني ڪرڻ سبب ھٿڪڙيون لڳائي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

نوابشاھ (رپورٽ: مزمل چانڊيو) دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج رسول بخش سومرو ايس ايچ او سانگھڙ جمڻ کوسو کي ڪوڙ ڳالھائڻ ۽ عدالت ۾ غلط بياني ڪرڻ سبب ھٿڪڙيون لڳائي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته عدالت ايس ايچ او سانگھڙ جمڻ کوسو کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 2015 ۾ سانگھڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپورٽ طلب ڪرڻ جو نوٽيس ڪڍيو ـ
جنھن تي ايس ايچ او رپورٽ ۾ غلط بياني ۽ ڪوڙ لکيو جنھن تي عدالت ھٿڪڙيون ھڻي جيل موڪلڻ جع حڪم ڏنو آهي، واضح ھجي ته سانگھڙ شھر ۾ 2015 جي مڪاني چونڊن ۾ پ پ پ جي اڳواڻ فدا حسين ڏيري جي ريلي مٿان نامعلوم ماڻهن جي فائرنگ سبب چئن ماڻھن جي قتل واري واقعي واري ڪيس جي سلسلي ۾ ايم پي اي وريام خاصخيلي ۽ ٻيا جوابدار دھشتگردي ٽوڙ نوابشاھ جي عدالت ۾ پيش ٿيا جتي عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 14 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …