Saturday , February 27 2021
تازاترين
Home / آرٽيڪل / دولتپور ۾ پبلڪ لائبريري قائم ڪئي وڃي ـ گلاب خان انڙ

دولتپور ۾ پبلڪ لائبريري قائم ڪئي وڃي ـ گلاب خان انڙ

انسان جي شعوري ترقي لاءِ ڪتابن جو مطالعو ھجڻ ريڙھ جي ھڏي جھڙو ڪردار ادا ڪري ٿو، جنھن سان انسان زندگي گذارڻ لاءِ نيون راهون ۽ نوان پيچرا پنڌ تلاش ڪري پنھنجا آدرش ترتيب ڏئي ٿو. جڏھن به انسان جي ذھن ۾ ڪو سوال جنم وٺي ٿو ته ان جي جواب لاءِ ھو مختلف ساڃاهه وند ماڻهن سان ملندو آهي يا ھو ڪتبخانن جو رخ ڪري پنھنجي سوال متعلق جواب تلاش ڪندو آهي. وقت گذرڻ سان گڏ علم مختلف شڪلين ۾ ورھائجيو آهي، جنھن جي حاصلات لاءِ اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون پنھنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن ـ
پاڻ جڏھن سنڌ ۾ ڏسنداسين ته لائبريرين جي اڻھوند پئي نظر ايندي جيڪي ڪجھ ڪتبخانا نظر ايندا اھي بہ وڏن شھرن ۾، جتي غريب عوام جو پھچڻ مشڪل ٿيو وڃي. اھڙي طرح دولتپور ۾ به لائبريري جي نہ ھجڻ سبب اتان جي عوام کي ڪيترن ئي مسئلن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي جنھن ۾ ھو پنھنجي شھر ڇڏي ٻئي شھر ۾ رھن ٿا جتي جا ڳاٽي ڀڳا رھائش جا خرچ عام ماڻھو جي پھچ کان پري آھن، اھڙي صورتحال ۾ دولتپور جو عوام چاھي ٿو ته دولتپور ۾ ھڪ پبلڪ لائبريري قائم ڪئي وڃي جنھن ۾ نوجوان مطالعو ڪري پنھنجي وقت صحيح طريقي سان استعمال ڪن تنھنڪري وس وارن (لاڳاپيل ادارن) کي گذارش ٿي ڪجي ته دولتپور ۾  پبلڪ لائبريري قائم ڪري نوجوان کي تعليم لاءِ پيش ايندڙ مسئلن مان ڇوٽڪارو ڏيارين ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …