
نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) دهلي ۾ 86 سالن جي عورت سان لڄالٽ ۽ تشدد، پوليس جي مطابق جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، دهلي ڪميشين فار وومين جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته عورت تي ان وقت حملو ڪيو ويو جڏهن عورت گهر جي ٻاهريان کير واري جو انتظار ڪري رهي هئي، جنهن ان وقت ڪجھ وڌيڪ دير ڪئي هئي ـ
آس پاس جي ماڻهن ان جو آواز ٻڌي ان کي ڇڏايو ۽ حملو ڪندڙن کي مارڪٽ ڪري پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، انهن جو چوڻ هو ته حملو ڪندڙ هن کي فارم هائوس تي وٺي ويا جنهن بعد ان تي تشدد ۽ زيادتي ڪئي ـ