Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / جسم طرفان ڪامريڊ احمد خان چانڊيو جي اٺين ورسي ملهائي وئي

جسم طرفان ڪامريڊ احمد خان چانڊيو جي اٺين ورسي ملهائي وئي

نوان جتوئي: قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ احمد خان چانڊيو جي اٺين ورسي مورو ڀرسان ڳوٺ ھوت خان چانڊيو ۾ جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڪامريڊ ھاشم کوسو جي صدارت ۾ ملهائي وئي، ورسي ۾ عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي سيڪريٽري ڪامريڊ يونس راھو، ترقي پسند قومپرست اڳواڻ مسرور احمد چانڊيو، ڪامل سولنگي، خادم چانڊيو مھمان خاص ھئا، ورسي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي جئيي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين ڪامريڊ ھاشم کوسو چيو تہ احمد خان منهنجو ساٿي، دوست، ڀاءُ ھو، احمد خان چانڊيو بهترين انقلابي ڪميٽيڊ سياسي ڪارڪن ھو، جنھن ھن جاگيرداري نظام کي للڪاريو. عوامي ورڪر پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڪامريڊ يونس راھو خطاب ڪندي چيو تہ احمد خان چانڊيو علائقي جي سياست ۾ نواڻ آندي، احمد خان چانڊيو اقليتي برادري کي اڳتي آڻي انهن کي حق وٺڻ سيکاريو، ھن چيو تہ ڪرپشن ھاڻي جي ناھي، ھي ڪرپشن انگريزن جي دور کان جاري آھي، ھن چيو تہ مامو احمد خان سڀني سان پيار ڪندو ھو، ضرورت ان ڳالھ جي آھي تہ احمد خان چانڊيو جي مشن پورو ڪجي. ترقي پسند قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ مسرور چانڊيو ۽ ڪامل سولنگي خطاب ڪندي چيو تہ ڪامريڊ احمد چانڊيو سچو ۽ کرو ماڻهو ھو جنھن جاگيردارن، وڏيرن، سردارن خلاف ڪمون شهيد کان لانگ مارچ ڪيو ھو، ڪامريڊ ھميشھ سنڌ پرستي جي جدوجھد ۾ وقت گذاريو ۽ سنڌ جي مظلوم ماڻھن کي حق ڏيارڻ ۾ ڪوششون ورتيون. جقسم آريسر جي مرڪزي اڳواڻ خادم چانڊيو خطاب ڪندي چيو تہ مامي احمد خان چانڊيو جو موت ظلم سان وڙھندي ٿيو، مامو احمد خان چانڊيو مظلوم ۽ غريب ماڻھن جو يار ھو، احمد خان چانڊيو جي ايم سيد جي نظريي سان سلهاڙيل ھو، سنڌ جي دردن کي محسوس ڪندو ھو، ھن چيو تہ سنڌ جي عوام بک ۽ افلاس جو شڪار آھي. جسقم آريسر گروپ جي مرڪزي پورھيت اڳواڻ ڪامريڊ ملوڪ کوسو خطاب ڪندي چيو تہ مامو احمد خان چانڊيو مظلومن ۽ غريبن جو ھمدرد ھجڻ سان گڏ سائين جي ايم سيد جو سچو سپاھي ھو، ھو ظالم ۽ ظلم جي خلاف ھو، جنھن ذات پات کي ڇڏي سنڌ جي مفادن لاءِ جدوجهد ڪئي. ورسي کي محمد چانڊيو، منظور خاصخيلي، علي اصغر چانڊيو، ايس يو پي جي سردار ٻرڙو، امير علي لغاري،  وحيد مستوئي، خالق چانڊيو، اياز گبول، امجد کوسو، شاھنواز چانڊيو، قربان کوسو، ھادي سومرو، منٺار مري، ناظم الدين مشوري ء ٻين پڻ شرڪت ڪئي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …