Saturday , May 15 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / جسقم آريسر مرڪز طرفان مورو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

جسقم آريسر مرڪز طرفان مورو ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

مورو: جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر مرڪز طرفان مورو ۾ مذهبي انتها پسندي، جبري گمشدگين، پاڻي تي ڌاڙي، معدني وسيلن جي ڦرلٽ، سنڌ جي وحدت تي وار، ڌارين جي آبادڪاري، ۽ ڊاڪٽر نمرتا جي قتل خلاف هڪ وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا مورو باءِ پاس ٽائون کان ٿيندي مورو پريس ڪلب اڳيان پهتي، ريلي جي اڳواڻي جسقم چيئرمين اسلم خيرپوري، وائيس چيئرمين امير آزاد پنهور، ارباب ڀيل، سرمد ميراڻي، اشرف ڀهليم، غلام نبي گهانگهرو، غازي جکراڻي، اشرف لغاري، شاهنواز ڀٽي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي کي رياستي پٺڀرائي آهي. سنڌ ۾ انتهاپسندي کي منظم انداز ۾ پکيڙيو پيو وڃي جيڪو عمل اسان ڪنهن به صورت ۾ برادشت نه ڪنداسين، ڊاڪٽر نمرتا واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي اها ٿوري آهي، هن واقعي جي شفاف جاچ ڪري قاتل ظاهر ڪري انهن کي سزا ڏني وڃي ـ
اڳواڻن وڌيڪ چيو سنڌ ۾ جبري گمشدگين کي بند ڪيو وڃي، سنڌ ۾ سوين قومي ڪارڪن، صحافي، سماجي اڳواڻ، وڪيل، شاگرد گم آهن. ڪراچي مان قومپرست ڪارڪن مسعود شاھ کي پڻ کنڀي گم ڪيو ويو آهي. گم ٿيل قومي ڪارڪنن ۽ ٻين کي جلد ظاهر ڪيو وڃي. هنن چيو ته سنڌ دشمن منصوبن خلاف جسقم آريسر پاران 10 نومبر تي ميرپور خاص ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو ۽ 11 آڪٽوبر تي امرڪوٽ ۾ عبدالواحد آريسر جي سالگراه ملهائي ويندي ۽ 17 آڪٽوبر تي ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن جو ڏهاڙو پڻ ملهايو ويندو، جڏهن ته هن ريلي ۾ مختلف قوم پرست، سياسي سماجي اڳواڻن، استادن، صحافي، وڪيلن، شاگردن، اديبن، شاعرن پڻ شرڪت ڪئي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …