Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / ڪهاڻيون / تنقيد ـ هدايت ڏيپر

تنقيد ـ هدايت ڏيپر

ادبي تنظيم جي شاخ جي سيڪريٽري دستوري گڏجاڻي ۾ مون کي تنقيد جي لاءِ غزل پيش ڪرڻ جو چيو، مون گڏجاڻي جي صدر صاحب کان اجازت وٺي پنهنجو غزل تنقيد جي لاءِ پيش ڪيو ـ
سڀ کان اول شاعر، اڌ ڪٺل“ چيو ته ماشاءِ الله، شاعر منهنجو پراڻو دوست آهي. اسان شاعراڻي ڪچهري به روز ڪندا آهيون ۽ چانهن به گڏجي پيئندا آهيون. مان غزل تي ڇا ڳالهايان؟ هي غزل ٻڌي هن راءِ تي پهتو آهيان ته هي شهنشاھ غزل آهي. اهڙو غزل ڪو به شاعر نٿو لکي سگهي. ان کانپوءِ شاعر ”راجا ريگستاني“ غزل تي ڳالهائيندي چيو ته مان ڪو وڏو شاعر ته ناهيان نه ئي مان گهڻو شاعريءَ مان ڄاڻان ٿو، پر شاعر غزل جي ٿلهه ۾ لکيو آهي ته ”ٻڌون ٿا يار تڙپن پيا، اسان کان ڌار تڙپن پيا“. شاعر هتي اهو نه ٿو ٻڌائي ته هن کي ڪنهن ٻڌايو ته يار تڙپن پيا؟ هتي شاعر کي انهن ماڻهن جي وضاحت ڪرڻ گهرجي ها. يان انهن ماڻهن جا نالا ٻڌائي ها ته بهتر هيو ـ
ان کانپوءِ جديد ادب جي شاعر، نقاد ”اکين جي اسير“ غزل تي ڳالهائيندي چيو ته شاعر لکي ٿو ته ”پرين پائي ڇڏيا لاهي، اهي سينگار تڙپن پيا“ جڏهن ته سينگار ڪبا آهن. مثال سرخي پائوڊر ميڪ اپ وغيره، پر سينگار پائبا ناهن ـ
ان کانپوءِ ڪهنه مشق سينيئر شاعر ”جناب بادل باوفا“ به پاڻ کي ڪرسي تي ٺاهيندي چيو ته شاعر لکي ٿو ته ”هٿن جي آڱرين جي لئه مٿي جا وار تڙپن پيا“ جڏهن ته مٿي جا وار ڇا لئه تڙپندا؟ شاعر ائين لکي ها ته مٿي ۾ سور آهي ان کي زور ڏيڻ جي لئه پرين جي هٿن جي ضرورت آهي ـ
ان کانپوءِ جديد غزل جي نامور شاعر ”راز رانڀاٽي“ چيو ته شاعر لکي ٿو ته ”پکي موٽيا نه واهيري، وڻ جا ڏار تڙپن پيا“ سوال آهي ته پکي ڇو نه موٽيا؟ پکين جي نه موٽڻ جي شعر ۾ ڪا به وضاحت ناهي. ٻيو وڻن جا ڏار ڪيئن تڙپندا؟ ڇا وڻن کي به ڪا دل ۽ دماغ آهي؟
ان کان پوءِ ”دادلي دانشور“ ڳالهائيندي چيو ته ”شاعرن جي تعداد ۾ وياج وانگي واڌارو ٿيندو پيو وڃي. شاعرجو ذهن ٽرنڪولائيز ائين ٿي ويو آهي. جيئن ڪو مريض رات جو ننڊ جي گوري کائي ننڊ نه ڪندو هجي پر بيهوش ٿيندو هجي. هو آرٽ جي لقائن جي تخليقي جوهر تائين پهچڻ کان قاصر رهيو ِآهي. ادبي فنا منا روايت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پئي آهي. اڄ جي شاعري جي اسٽڊي ڪجي ٿي ته شاعر سڀ هڪ چيڪلي وانگي اتي جو اتي ڦري رهيا آهن. ائين به ٻڌو ۽ ڏٺو ويو آهي. ته چار پنج شاعر گڏجي هڪ تخليق تيار ڪن ٿا ان تخليق جو خالق اهو ٿئي ٿو جنهن تخليق جي مطلع لکي، سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڄ جا شاعر شاعري خريد ڪري ڇپرائي ۽ فيس بڪ تي به پوسٽ ڪري رهيا آهن. وسڪي جي بوتل تي، ماني ڪڙهائي تي، موبائيل سيٽ عوض شاعري وڪرو ۽ خريد ٿي رهي آهي. فيس بڪ تي شاعرن جو لابيون ٺهيون پيون آهن، شاعرن جي پاڻ ۾ ڄنڊا پٽ لڳي پئي آهي.شاعر هڪٻئي جي ونگارون وهي رهيا آهن. شاعري وڪڻندڙ، خريد ڪندڙ ادب تي بدنما داغ آهن. اهڙن شاعرن جو ادبي ۽ سماجي بائڪاٽ ڪرڻ گهرجي. سنڌي شاعري شيخ اياز کانپوءِ اهو معيار ۽ معراج نه ماڻي سگهي آهي. اياز جتي شاعري کي پهچايو اڄ ڏينهن تائين ان منزل کي نه ڪنهن ڪراس ڪيو آهي ۽ نه ئي ان منزل تي ڪو پهتو آهي. باقي هڪ ٻئي کي غازي، قاضي، حاجي، چوڻ سان سنڌي ادب ترقي نه ڪري سگهندو. اسان کي عالمي معيار جو ادب تخليق ڪرڻو پوندو ـ
ان کانپوءِ عروض جي استاد سينيئر شاعر ”سدا بيهوش“ نظر جي چشمي ۽ ڪوٽ کي ٺاهيندي چيو ته هي ”بحر حزج“ جا رڪن آهن. جيڪي مفاعيلن اٺ دفعا تي لکيا ويندا آهن. پر هتي شاعر سالم بحر کي ٽوڙيو آهي جو مفاعيلن 4 چار دفعا تي پنهنجو غزل لکيو آهي. جيڪو علم عروض جي قائدي مطابق غلط آهي. ان کانپوءِ فيس بڪ جي وڏي شاعر نقاد جناب ”پناھ پياسي“ چيو ته شاعر لکي ٿو ته ”جلادن ۾ خوشي ڏاڍي مگر هو دار تڙپن پيا.“ ظاهر آهي جنهن کي ڦاهي ڏني وئي هوندي اهو ڏوهاري هوندو، ڇا جلاد ڪنهن ڏوهاري کي ڦاهي ڏئي خوش نه ٿيندو باقي روئيندو؟ شاعر هي سڄو خيال ڪوڙ تي گهڙيو آهي ـ
ان کانپوءِ شاعر فنڪار ”گلاب خان“ راءِ ڏيندي چيو ته شاعر لکي ٿو ته ”قدم تنهنجا چمڻ جي لئه، ٻئي سنسار تڙپن پيا“ قدم معنيَ پير ايڏا سهڻا اهن جو ٻئي سنسار انهن قدمن کي چمڻ لاءِ تڙپن پيا. سوال آهي ته خوصبورت قدمن جي ٻئي سنسار کي خبر ڪيئن پئي؟ هن سنسنار جي ڳالهه ته مڃي سگهجي ٿي پر ٻئي ڪهڙي سنسار جي شاعر ڳالهه ڪئي آهي. سنسار ته گهڻا آهن. شاعر هتي ٻئي سنسار جو نالو ضرور ڏيئي ها. ان کان اعلاوه هن غزل ۾ نه موسيقي آهي نه رڌم آهي ڳائڻ واري فن تي به هي غزل پورو ناهي، شاعر کي انور قمبراڻي وحيد هڪڙي جي شاعري ٻڌڻ گهرجي ۽ انهن کان سکڻ گهرجي ـ
ان کانپوءِ نئين ٽهي جي نقاد اديب شاعر ”ربنواز راهي“ چيو ته مونکي تعجب آهي اڄ جي اديبن شاعرن جي تنقيدي راءِ تي ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اسان اڃان شاعري مان ڪجهه ڄاڻون ئي ڪو نه ٿا، توڙي هن گڏجاڻي ۾ جونيئر سينيئر شاعر اديب ۽ صاحبِ ڪتاب شاعر به ويٺا آهن. جن اهڙي راءِ ڏني آهي، اسان ادب نه پڙهون ٿا نه پروڙيون ٿا. تنقيدي راءِ ۾ ايترو به ڪنهن کي مٿي نه کڻي وڃجي جو ليکڪ اوئر ڪمپليڪس جو شڪار ٿي وڃي نه ئي ڪنهن تي اهڙي بي علمي واري تنقيد ڪئي وڃي، سنڌي ادب کي گروپن ۽ لابين کان بچائڻو پوندو. هي غزل مڪمل غزل آهي. جنهن ۾ آرٽ جماليات، تجسيم، استعارات ۽ احساسات به آهن ۽ فني طور تي به صحيح ۽ بهترين غزل آهي. هيءُ غزل جديد شاهڪار غزل ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو. اڄ جيڪا غزل تي تنقيد ٿي آهي ان تنقيد مان اڀرندڙ نئون ليکڪ ڇا پرائيندو؟ اهڙي تنقيد ادب جي لئه نقصانڪار آهي. اهڙي تنقيد بهترين ادب جي رستا روڪ جي زمري ۾ اچي ٿي ـ
ان کانپوءِ تنظيم جي شاخ جي سيڪريٽري چيو ته جيڪا گهڻن جي صلاح مان دوستن جي تنقيد سان متفق آهيان ـ
ان کانپوءِ سيڪريٽري صاحب مونکي تنقيدي سوالن جو جواب ڏيڻ لئه چيو مون عرض ڪيو ته منهنجن گهڻن جوابن ڏيڻ جي ضرورت ناهي جناب نقاد ربنواز راهي گهڻو ڪجهه ڳالهايو آهي. جيڪو اصل ۾ مون کي ڳالهائڻو هيو. باقي ايترو چوندس ته پڙهندڙ ۽ تواريخ وڏا نقاد آهن. اهي ئي صحيح تنقيد ڪري سگهن ٿا ـ
آخر ۾ گڏجاڻي جي صدر صاحب ”صفا مدهوش“ وارن کي ۽ پاڻ کي ڪرسي تي ٺاهيندي چيو ته ”هي غزل ئي ڪونهي ڪو غزل ۾ عورتن سان مخاطب ٿبو آهي. عورتن سان عشق، محبت پيار جون ڳالهيون ڪبيون آهن. عورتن جي سونهن جون ڳالهيون ڪبيون آهن. مثال اکين جي، چپن جي، ڳلن جي، زلفن جي، ڇاتيءَ جي، ٻانهن جي، ٽنگن جي، وغيره سونهن جي ڳالهه ڪبي آهي. اڃا ڪي اهڙا عضوا به آهن جن جا مان نالا نٿو وٺي سگهان. ٻي ڳالهه ته هن غزل ۾ سنڌ جي آزادي جي به ڳالهه ناهي، شاعر تز قافيا ۽ هم قافيا به صحيح استعمال نه ڪيا اهن. مثال يارَ، ڌارَ، ڏارَ، وارَ، ته قافيا صحيح آهن پر انهن سان سنسارَ، سينگارَ، قافيا صحيح ناهن ۽ جناب دادلي دانشور ۽ جناب ربنواز راهيءَ به سٺو ۽ صحيح ڳالهايو آهي ـ
آخر ۾ سيڪريٽري صاحب گڏجاڻي جي صدر صاحب کي ڀٽائي جي شعر سان اڄوڪي گڏجاڻي کي ختم ڪرڻ لئه چيو. صدر صاحب ڀٽائي جو بيت هي هن طرح چئي گڏجاڻي کي ختم ڪيو ـ
سائينمَ سدائين ڪرين مٿي ڀلي سنڌ سڪار
دوست مهنجا مٺا تون دلدار، عالم سڀني کي آباد ڪرين (شاهه) ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …