Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ جادو جوڻو جي رھواسي شريف جوڻو ۽ ٻين نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو

تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ جادو جوڻو جي رھواسي شريف جوڻو ۽ ٻين نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو

نوابشاھ (رپورٽر مزمل چانڊيو) تعلقي سڪرنڊ جي ڳوٺ جادو جوڻو جي رھواسي عورتن ۽ مردن شريف جوڻو، غلام محمد، نصرالله، مسمات زرينه، مسمات شبانه ۽ ٻين نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته پلاٽ جي مسئلي تان جوابدارن آچر جوڻو، غلام حسين، شمن ۽ ٻيا رات جو 2 وڳي اسان جي گھرن ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪئي، اسان جي عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪيو ۽ اسان جي گھرن ۾ ڀنڃ ڊاھه ڪري 60 ھزار روڪ ۽ سونا زيور کڻي فرار ٿي ويا آھن، ھنن چيو ته جوابدار ڏوھاري قسم جا ماڻهو آھن جن خلاف مختلف ٿاڻن تي ڦرن ۽ ڌاڙن جا ڪيس داخل ٿيل آھن، پر پوليس انھن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، ھنن چيو ته اسان علائقي جي چڱن مڙس وٽ فيصلو رکيو پر جوابدار فيصلي لاءِ راضي ناهي، ھنن چيو اسان پوليس وٽ شڪايت کڻي وياسين پر پوليس به اسان جي ھڪ به نه ٻڌي، ھنن چيو ته جوابدار بااثر آھن اسان کي ڌمڪيون ڏين ٿا، جنھن جي ڪري اسان ٻچن جي روزي به نٿا ڪري سگھون، ھنن ڊي آئي جي، ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …