Wednesday , March 3 2021
تازاترين
Home / مضمون / تباھيء جي ڪناري پهتل ڳوٺ رفيق مهيسر ـ عامر خان مهيسر

تباھيء جي ڪناري پهتل ڳوٺ رفيق مهيسر ـ عامر خان مهيسر

سنڌ، ڳوٺن جو ڏيهه آهي، اُھي ڳوٺ، واھڻ وسنديون، اسان جي تهذيب ۽ تمدن جو نقيب آهن. اسان جي زندگي جو مرڪزي دائرو، اڃان تائين ڳوٺَ ئي آهن. اُنڪري عوامي زندگي اُتي ئي نظر اچي ٿي. اسان جا ڳوٺَ، اڄ به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي سهولتن کان محروم آھن. ڳوٺ جا ماڻهو ۽ سادگيءَ ۾ سچائي، ايمانداري، شرافت، قُرب، محبت ۽ انڪساري جا مثال ڏيھه توڙي پرڏيھ ۾ اَڄُ تائين قائم ۽ دائم آهن. ڳوٺ رفيق مهيسر جيڪو ھميشه کان علم و ادب جو تاريخي مرڪز رھيو آھي جتي پري پري کان ڪهي آيل ماڻهو ديني تعليم جو فيض حاصل ڪرڻ ايندا هئا پر افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته اڄ اُھو ڳوٺ ھتان جي چونڊيل نمائندن جي بي ڌياني سبب موئن جي دڙي جي کنڊراتن جهڙو ڏيک ڏئي رهيو آھي. جتي ھر روز انساني قدرن جي لتاڙ ۾ ڳوٺ جا ماڻهو اڄ بہ انهيء پسمانده سماج وانگر رجعت پرستي، عقيده پرستي ۽ غلاميءَ واري ڄار ۾ جڪڙيل آهن. غلامي ڪوڙھ جي بيماري مثل آھي جيڪا ھڪ فرد کان ٻين فردن تائين منتقل ٿيندي رھي ٿي اُن غلاميءَ واري گار لاءِ ديش ڀڳت انسانن نفرت جو اظهار ڪري پنهنجي جان جا نذرانا ڏئي تاريخ ۾ سرخرو ٿيا آھن ـ
تعلقي ڪنگري ۾ ٻہ سئو گهرن تي مشتمل ھڪ ننڍڙو ڳوٺ رفيق مهيسر جي نالي سان قائم آھي جيڪو قديم زماني کان وٺي قرآن شريف جي حافظن ۽ علم وارن جو ڳوٺ سڏجندو رهيو آھي. آس پاس جا ماڻهو ھن ڳوٺ جي پڙھيل لکيل ماڻهن وٽ پنهنجا مسئلا حل ڪرائڻ ۽ ٻاھر کان آيل پنهنجن پنهنجن پيارن جا خط کڻي ھن ڳوٺ ۾ پڙھائڻ ايندا ھئا ڇو جو قديم زماني ۾ تعليم گهٽ ھئڻ ڪري ڳوٺ جي چوڌاري ٻين ڳوٺن ۾ پڙھائي جو ايترو رُجحان نہ ھو ان جو اھو سبب ھو جو ان وقت غربت گهڻي ھئي ۽ ماڻهو پنهنجو پيٽ ئي مس پالي سگهندا ھئا پر ان وقت ۾ بہ ھن ڳوٺ ۾ مڇي ماني جي لائق ماڻهو رھندا ھئا ان وقت ۾ مڇي ماني لائق ان کي چيو ويندو ھو جيئن اڄوڪي دور ۾ لکا پتي ماڻهو ھجن ھڪڙا اھڙا ماڻهو جن وٽ پئسا ھوندا آھن تہ اھي پنهنجو پاڻ کي آسمان سان گسڻ محسوس ڪندا آھن پر ھن ڳوٺ ۾ مڇي ماني جي لائق ھئڻ سان گڏوگڏ فقيري طبعيت رکندڙ انسان رھندا ھئا اھو ئي سبب ھو جو سڄي تر ۾ اھو مشهور ھو ۽ اڄ ڏينهن تائين بہ آھي تہ ڳوٺ رفيق مهيسر ۾ اوطاقن جا دروازا کليل آھن ۽ ڳوٺ جا ماڻهو وڏا مهمان نواز آھن ڳوٺ جي چوڌاري يا ٻين ڳوٺن کان پري پري کان آيل مسافر وڏي خوشي سان ھن ڳوٺ ۾ مهمان ٿي ڪري سندن جي اوطاقن جو رُخ ڪندا ھئا ۽ آھن پوء ان ۾ ڀلين ڪير ڪنهن جو مهمان ڏٺل ھجي يا نہ ھجي سڀني کي ھڪجهڙي عزت ملندي ھئي ۽ آھي ـ
ڳوٺ رفيق مهيسر جا شخص وڏين ھستين جا استاد ٿي گذريا آھن ھتي نالا لکبا تہ ڪافي نالا اچي ويندا پر آئون ھتي دنيا جون عظيم شخصيتون چوان تہ ان ۾ ڪو وڌاءُ نہ ٿيندو ڇو جو ھو واقعي دنيا جون عظيم شخصيتون آھن سورھ بادشاھ (پيرپاڳارو) جنهن سنڌ وطن لاء پنهنجي جان جو نذرانو ڏئي سنڌ وطن مٿان قربان ٿيو ۽ ھڪ لازوال نعرو پڻ ڏنو جيڪو اڄ ڏينهن تائين هر ماڻهو جي چپن جي مرڪ بڻيل آھي ”وطن يا ڪفن آزادي يا موت“ ان عظيم ھستيءَ جو فرزند اعليٰ حضرت پير صاحب پاڳارو(شاھ مردان شاھ ) ۽ سورھ بادشاھ جو پوٽو ۽ شاھ مردان شاھ جو وڏو فرزند موجودھ پيرپاڳارو(صبغت اللہ شاھ راشدي) اچي وچن ٿا انهن ٻنهي عظيم شخصيتن جا استاد ھن ڳوٺ جا ٿي گذريا آھن ۽ سندن جي ننڍڙن ٻچڙن کي ديني تعليم ڏيڻ لاء اڃان تائين اھو استاديء وارو سلسلو جاري و ساري آھي ـ
قديم زماني کان وٺي موجودھ وقت تائين ڳوٺ رفيق مهيسر جا شخص اعليٰ عهدن تي فائز آھن پر افسوس ان ڳالھ جو آھي تہ ھن ڳوٺ ۾ ڪي بہ بنيادي سهولتون موجود ناھن، ھن ڳوٺ ۾ اھڙي ڪا به اسپتال ناھي جيئن سنڌ جي ٻين ڳوٺن ۾ سرڪاري اسپتالون موجود آھن ۽ سڄي ڳوٺ ۾ ٽن، چئن سالن کان وٺي بجلي نه هئڻ سبب سمورو ڳوٺ اونڌاھن جي ور چڙھيل آھي گمبٽ گرڊ اسٽيشن سان لاڳاپيل هي ڳوٺ آھي جنهن ۾ وڏي عرصي کان بجلي جو وڏو بحران رھيو آھي سڄي ڳوٺ ۾ بجلي جون تارون ۽ ٿنڀا موجود آھن ۽ ھر مهيني بجلي جا بل بہ ايندا رھن ٿا پر بجلي اچڻ جو پري پري تائين ڪو نانءُ نشان نظر نہ اچي رھيو آھي، جڏھن تہ چوڌاري ڳوٺن ۾ ان ئي گمبٽ گرڊ اسٽيشن مان انهن ڳوٺن ۾ بجلي هلي رھي آھي، ھن ڳوٺ جي چوڌاري پنجن کان ستن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٻين ڳوٺن ۾ گئس موجود آھي پر افسوس ان ڳالھ جو آھي جو ھن ڳوٺ جون امڙيون، ڀينرون اڃان تائين ڪاٺين تي رڌ پچاءُ ڪن ٿيون ۽ گئس اچڻ جو ڪوبہ انديشو نظر نہ اچي رھيو آھي جڏھن تہ ھاڻي ٽن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڳوٺ قادن ميتلو مان گئس جا ذخيرہ دريافت ڪيا ويا آھن پر افسوس ان ڳالھ جو آھي ڳوٺ جا رھواسي ۽ آس پاس جا ماڻهو گئس فليڊ واري جڳھ تي وڃي سيلفيون ڪڍي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪن ٿا پر پنهنجي حق گهرڻ کان اڃان تائين لاتعلق بڻيل آھن، ھن ڳوٺ جي چوڌاري روڊ رستن جي اھڙي حالت نظر اچي رھي آھي پنجن منٽن جو سفر هتان جا رھواسي ويهن منٽن ۾ طئي ڪن ٿا. ھن ڳوٺ جي چوڌاري ٻين ڳوٺن ۾ مختلف ڪمپنين جا ٽاور لڳل آھن جيڪي مختلف ڪمپنين جون سمون استعمال ڪري زندگي جو سک وٺڻ سان گڏوگڏ ڳوٺن جا ٻار انٽرنيٽ ذريعي دنيا کي ڏسي ۽ ٻڌي سگهن ٿا پر ھن ڳوٺ ۾ ڪنهن بہ ڪمپني جا سگنل ناھن ايندا نتيجي ۾ ڳوٺ جا نوجوان ٻہ ڪلو ميٽر پنڌ ڪري ڀر واري ڳوٺ ۾ ويهي انٽرنيٽ جو استعمال ڪندا آھن، ھڪ طرف ھن ڳوٺ ۾ بجلي جو وڏو بحران پنهنجي جاء تي آھي پر ھيءُ ڳوٺ جنهن يوسي ۾ اچي ٿو ان يوسي چيئرمين سميت ڪائونسلرن جي ڪارڪردگي بہ قابل تعريف آھي اوھان دور بني کڻي ڏسندا تہ سموري يوسي ۾ ڪي بہ ڪٿي بہ ترقياتي ڪم نظر نہ ايندا، يوسي چيئرمين پنهنجي ڪائونسلرن سميت عام سياستدانن وانگر روايتي انداز برقرار رکندي سموري بجيٽ پنهنجي گهرن ۾ رکي اگهور ننڍ ستل آھن، ھن ضلعي جي مختلف يوسين تي نظر وجهنداسين تہ اسان کي ٿورو ٿڪو ڪٿي نه ڪٿي ڪم نظر اچڻ سان گڏوگڏ ھڪ اھا بہ شيء نظر اچي ٿي تہ انهن يوسين ۾ لائيٽنگ لڳائي وئي آھي جيڪا رات جو بجلي وڃڻ کان پوء سولر لائيٽ ٻري رھي آھي ۽ اھي يوسيون اونڌاين جو ڏيک نہ ڏئي رھيون آھن پر ھن ڳوٺ سميت سڄي يوسي ۾ اھڙي ڪٿي بہ لائيٽنگ نظر نہ اچي رھي آھي، ٻيو ھن وقت سموري يوسين ۾ ايترا مڇر وڌي ويا آھن جو ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺي سگهن ٿيون جڏھن تہ اڃان تائين اھو طئي ناھي ڪيو ويو تہ سموري يوسي ۾ مڇر مار اسپري ڪڏھن ڪرايو ويندو يا ٿيندو بہ صحيح يا نہ، ھن تڪ مان ھن وقت چونڊيل نمائيندہ ايم پي اي نعيم احمد کرل صاحب ۽ ايم اين اي پير سيد جاويد علي شاھ صاحب جن آھن سائين جن ھن ڳوٺ طرف ڪو ڌيان ڏيندا يا سائين جن بہ انهن پهريان وارن چونڊيل ايم پي اي ۽ ايم اين اي وانگر روايتي انداز برقرار رکندي پنج سال گذرڻ باوجود وري اليڪشن جي وقت تي ظاھر ٿي ۽ وڏين گاڏين جا قافلا وٺي وڏا ھجوم ساڻ ڪري ڳوٺ جي رھواسين کي بيوقوف بڻائي آسرا ڏي ووٽ وٺي ھليا ويندا ـ
ڳوٺ رفيق مهيسر جا پڙھيل لکيل نوجوان ۽ اعليٰ عهدن تي ويٺل آفيسر صاحب ايندڙ وقت ۾ پنهنجي ڳوٺ لاء ڪجھ سوچيندا يا اھو سلسلو ائين ئي ھلندو رھندو جيئن ھلي رھيو آھي، مان ڳوٺ جي سڀني بزرگن، نوجوانن کي عرض ٿو ڪريان تہ اچو تہ ڳوٺ جي مسئلي تي متحد ٿي ڳوٺ کي وڌيڪ تباھي کان بچايون کڻي جو اسان سڀني جون سوچون ھڪ ٻئي کان مختلف آھن پر ھن ڳوٺ جي سنگين مسئلن تي پنهنجي سوچن، فڪر، ۽ مختلف جهنڊا ھڪ پاسي تي رکي پنهنجي ڳوٺ کي بچائي ترقي ڏيارڻ ۾ اھم ڪردار آدا ڪريون، خدارا ڳوٺ اسان سڀني جو آھي نڪي ڪنهن ھڪ جو آھي اچو تہ متحد ٿي پنهنجي ڳوٺ جي مالڪي ۽ وارثي ڪري پنهنجي ڳوٺ کي اونڌاھن مان ڪڍي روشنين ڏانهن سفر شروع ڪيون ـ

Check Also

استاد سنجيدہ ٿي تعليم ڏيندو تہ ٻار ان وٽ پاڻھي ايندا بس تعليم ڏيڻ واري عمل کي ٻارن لاءِ دلچسپ بڻايو وڃي ـ مسڪين محمود لغاري

سردار احمد ٻرڙو مسڪين محمود لغاري سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ساھتي پرڳڻي جو پس …