Friday , March 5 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / بدين ۾ سنڌ سڀا طرفان پريس ڪلب اڳيان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ احتجاج

بدين ۾ سنڌ سڀا طرفان پريس ڪلب اڳيان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي آزادي لاءِ احتجاج

بدین (رپورٽ: ابو نوحاڻي ) سنڌ مان کنڀي گم ڪيل سوين ڪارڪنن جي آزاديءَ لاءِ سنڌ سڀا جو سنڌ جي ھر ضلعي ۾ احتجاج ۽ ڌرڻي جو سلسلو جاري، ان سسلسلي ۾ بدين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو. ڪراچي مان سنڌ سڀا جو نڪتل قافلو سنڌي انعام جي اڳواڻي ۾ بدين پھتو، بدين پھچڻ تي کنڀي گم ڪيل شادي خان سومرو، محفوظ نوتڪاڻي جي وارثن سميت بدين واسين جو وڏو انگ مظاھري ۾ شريڪ ٿيو. جنھن کان پوءِ مظاھرين ريلي ڪڍي پريس ڪلب تي ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا. جتي ھنن نعرا ھڻي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزاديءَ جي گھر ڪئي. ڌرڻي کي خطاب ڪندي سنڌ سڀا جي سرواڻ سنڌي انعام، جسقم جي امير پنهور، اسماعيل نوتڪاڻي جيئي سنڌ تحريڪ جي سورهيه سنڌي، ايڊووڪيٽ عبدالرزاق ٽالپر، شاھنواز ڀٽي، اي جي پي اڳواڻ محمد خان آريسر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي نوجوانن، ٻارن ٻڍن کي بلا جواز، بنا ڪنھن ڏوھ جي کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي، جيڪو غيرانساني ۽ غيرقانوني عمل آھي، اسان جي پھرين ڏينھن کان اھا گُھر آھي ته ڪنھن ڪو ڏوھ ڪيو آھي ته ان کي عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي، اسان ان عمل خلاف احتجاج جو حق رکون ٿا. ھينئر سنڌ جي سڀني وسيلن جي ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي، جنھن کي روڪڻ لاءِ عوامي سگھ جي ضرورت آھي ۽ اھا سگھ توھان سنڌين ۾ آھي توھان اٿي کڙا ٿيو ته سنڌ دشمنن کي جرئت نه ٿيندي ته اھي وسيلا ڦري سگھن يا ماڻھو کنڀي گم ڪري ڇڏين ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …