
ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار ارجن ڪپور جي ڪورونا وائرس جو نتيجو هاڪاري اچي ويو، ان کان اڳ ويجهر ۾ اميتاڀ بچن ۽ اڀيشيڪ بچن کي پڻ ڪورونا ٿي هئي، ارجن ڪپور سماجي رابطن واري ويب سائيٽ انسٽاگرام تي پوسٽ ڪندي پنهنجي مداحن کي ٻڌايو آهي ته مون کي ڪورونا جو نتيجو هاڪاري آيو آهي پر مان ٺيڪ آهيان ـ
ارجن ڪپور وڌيڪ ٻڌايو ته مون کي وائرس جون علاماتون پڻ ظاهر ٿي رهيون آهن. ڊاڪٽرن جي هدايتن ۽ مشورن مطابق هلي رهيو آهيان ۽ پاڻ کي گهر ۾ آئسوليشن ڪري ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪندي چيو ته مان هر وقت پنهنجي صحت بابت آگاھ ڪندو رهندس ـ