
نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي پارليامينٽ جي ميمبر ۽ شيو سينا جي اڳواڻ سنجي راوت پاران هڪ نجي ٽي وي چينل تي ڪنگنا رناوت خلاف ”حرامخور“ جهڙو لفظ استعمال ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ڪنگنا رناوت سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽئيٽر ته هڪ ويڊيو پيغام ۾ چيو ته توهان هڪ سرڪاري ملازم آهيو، توهان ته ڄاڻو ٿا ته ملڪ ۾ هر روز ڪيترين ڇوڪرين سان ريپ ٿئي ٿو، ان جو جسم ڪٽيو ٿو وڃي، انهن جي مٿان تيزاب هاريو ٿو وڃي، جڏهن عامر خان چيو ته ان کي هن ملڪ ۾ ڊپ ٿئي ٿو ته ان کي ڪنهن حرامخور نه چيو، جڏهن نصيرالدين شاھ به چيو ته ان کي به ڪنهن حرامخور نه چيو ـ
هن وڌيڪ چيو ته ممبئي پوليس سشانت جي والد کان ايف آءِ آر جي ڪاپي وصول نٿي ڪري، مون کان بيان ڪونه ٿا وٺن، جيڪڏهن مون ان جي مذمت ڪئي آهي ته اهو منهنجي لاءِ اظهار جي آزادي آهي ـ
سنجي راوت جي اهڙي لفظ استعمال ڪرڻ کان پوءِ ڀارت جي مشهور اداڪاره ديا مرزا طرفان ٽئيٽر تي ٽئيٽ ڪندي ڏٺو ويو، هن چيو ته مذمت ڪجي ٿي سنجي روات جي اهڙي لفظ استعمال ڪرڻ تي، توهان کي ڪنگنا سان اختلاف جو پورو حق آهي پر توهان جي اهڙي ٻولي استعمال ڪرڻ تي معافي وٺڻ گهرجي ـ