Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / ڪهاڻيون / اڻپورا ارمان ـ ڊاڪٽر عامر گڏاڻي

اڻپورا ارمان ـ ڊاڪٽر عامر گڏاڻي

مان لطيف جي انهن سٽن جو سدائين مخالف رهيو آهيان ته”جي ليلائي م لهين تان پڻ ليلائج“ ـ
جيڪا محبت ليلائڻ کان پوء حاصل ٿئي،دراصل اها محبت نه پر خيرات هوندي آهي ـ
توکي ان وقت ڏٺو هئم،جڏهن منهنجي اکين اڃان خواب ڏسڻ ئي شروع نه ڪيا هئا. زندگي ڄڻ هڪ ٽٻڪي تي بيهي رهي هئي. ائين لڳندو هو تنهنجي ڳلن ۾ پوندڙچگهن ۾ حياتي هارائي ويٺوآهيان. تون ان وقت به منهنجي تخيل جي حواسن تي سوار ٿي، منهنجي خيالن جا سڀئي رخ پاڻ ڏي موڙي ڇڏيا هئا. توکي ڏسي روزانو ڄڻ ته منهنجا لفظ باوضو ٿي ويندا هئا ۽ تو جيان ئي سندر خيال ڪويتائن جا پر اوڍي ڪبوترن جيان بولاٽيون کائي منهنجي ذهن جي آڪاس تان ڀڙڪوڏيئي اڏامندا هئا ۽ منهنجي ڊائرئ جي ورقن ۾ ئي دفن ٿي ويندا هئا. تون منهنجي شاعري هئين، تون منهنجي ڪوتائن جي ڪاڪ محل جي مومل هئين،منهنجي احساسن کي جيون بخشيندڙ اها ديوي هئين جنهن منهنجي شاعرئ کي جيون دان ڏنو هو.تون دنيا جي حسين ڇوڪري ان ڪري نه هئين ،جو مالڪ سائين توکي خوبصورت بڻايوهو،پر تنهنجي سندرتا روزانو منهنجي احساسن سان اجروٿي صحيفن جيان پوترتا جو روپ ڌاريندي هئي.تنهنجي مرڪ جيڪا باک جي ڪرڻن جيان اجري ۽ ماڪ جي ڦڙن جيان ڪومل هئي،اها مرڪ ماڻڻ لئه ڪيڏا جتن ڪرڻا پيا هئا مون کي ـ
تنهنجي۽ منهنجي وچ ۾ سماجي متڀيد هماليا جيان ڪر کڻي بيٺل هئي. وڏيرڪي سوچ سان زنگيل زهنن جو تصور به منهنجي محبت جي اڏيل تاج محل کي ڪيئ ڏار پهچائي ڇڏيندي هئي. انائن جي سولئ تي لٽڪيل محبتون حاصلات جي منزل ناهن ماڻينديون ـ
توسان پهريون ڀيرو فون تي ڳالهايو هئو، ڏڪندڙ هٿن سان رسيور کي پڪڙي لرزندڙ چپن سان خبر ناهي ڇا چئي ويو هئم. تنهنجو آواز ڪنن تي پهتوته زهن جي ڪينواس تي ڪيئ رنگ چٽجي ويا.اظهار محبت به ڪيڏو ڏکيو عمل آهي.بس رجيڪٽ ٿيڻ جي خوف کان الئي ڪيتريون محبتون دل جي ديبل تي بي موت مري وينديون آهن.حسرتن جا پوپٽ پنهنجي پرن تي انڪار جو زنگ لڳڻ کان اڳ ئي خودڪشي ڪري ڇڏيندا آهن.توسان ڳالهائڻ ڄڻ روز جو معمول ٿي ويو هو ـ
تون هميشه پڙهائي جون ڳالهيون ڪندي هئين،پڙهائي کان علاوه تو وٽ ڪوبه ٽاپڪ نه هوندو هئو،يا شايد ڪرڻ نه چاهيندي هئين. تنهنجون ابهم سوچون مون کي تنهنجي ويجهو ڪري رهيون هيون. منهنجي شاعري توکي پنهنجي ٻاهن ۾ ڀري روز توسان رومانس ڪندي هئي، هوائن جي پرن ۾ ويڙهي ڪيئي نظم توڏي اماڻڻ لڳو هئس، پنهجي لکيل هر غزل ۾ تنهنجو عڪس چٽڻ لڳو هئس ـ
هڪ ڀيرو توکان تنهنجي تصوير گهري هئم، تون ٺپ انڪار ڪري ويٺي هئين.”رڳوهڪ تصوير کپي توهان جي“…!! ـ
توکي چيو هئم..”منهجي تصوير..ڇا ڪندئو توهان..؟؟”ڳالهيون ڪندس“وراڻيو هئم، ”تصوير سان“؟؟ تو ٽهڪ ڏيئي پڇيو هو.”ها نه“ هلڪي آواز سان توکي وراڻيم.”نه مان نه ٿي موڪلي سگهان“. توانڪار ڪري ڇڏيو هئو.”ڇو، بس هڪ پاسپورٽ سائيز ئي موڪلي ڏيو“ توکي ايلاز ڪرڻ لڳو هئس.”نه ، مون لاءِ اهو پاسيبل ناهي“ تو چيو هو.”هن دنيا ۾ ڪا به شيءَ امپاسيبل ناهي.“ توکي سمجهائڻ لڳو هئس.”مون لاءِ الاهي شيون امپاسيبل آهن عامر“. تنهنجو آواز ڄڻ ته ڪنهن اڻ ڄاڻ خوف ۾ ورتل محسوس ڪيو هئم. تون باء چوڻ بنا ئي ڪال ڊسڪنيڪٽ ڪري ڇڏي هئي ـ
ان رات پنهنجي پهرين هار محسوس ڪئي هئم. ائين لڳو ڄڻ تو وٽ منهجي احساسن جي ڪا به قيمت ناهي. توسان ٻه ڏينهن نه ڳالهايو هئو. اچانڪ ٽئين رات تنهجي ڪال آئي هئي. منهنجي هيلو چوڻ کان پهريان ئي تو چيو هئو. ”ناراض آهيو نه مون سان“..”نه ته..اوهان سان ڪيئن ناراض ٿي ٿو سگهان“ توکي وراڻيم..”پوء هيترا ڏينهن فون ڇو نه ڪئي توهان، مان ڪيتري پريشان هئس توهان لاءِ، توهانکي ته ڪو احساس ئي نه ٿيو، ته ڪو.“تون مسلسل ڳالهائي رهي هئين.”مون لاءِ پريشان“؟ تنهنجي ڳالھ ڪٽيندي توکان پڇيو هئم.”ها، باقي ڪنهن لاءِ“تو جواب ۾ چيو هئو.”پر توهان لاءِ ته الاهي شيون امپاسيبل آهن“ توکي چيو هئم. تون چپ ٿي وئي هئين ڪجھ ساعتن لاءِ.”عامر ڪجھ شيون واقعي منهنجي ائپروچ ۾ ناهن، توهان جيڪو چاهيو ٿا اهو هن دنيا ۾ ته پاسيبل ناهي. توهان کي خبر ناهي منهنجي فيملئ جي.“ تنهجي آواز ۾ تنهنجي بيوسي محسوس ڪئي هئم ”اوڪي، نيڪسٽ ٽائيم توهان کان ڪا به گهر نه ڪندس. موڊ ٺيڪ ڪيو پنهنجو.“ تنهنجي بيوسيءَ آڏو سڀ هٿيار ڦٽا ڪيا هئم. ”نه نه مون اهو به ناهي چيو. دراصل منهنجي چوڻ جو مقصد اهو هو ته ڪڏهن روبرو ملنداسين نه، ته پوء تصوير جي ڪھڙي ضرورت..“ تون مون کي دلاسو پئي ڏنو.”ڪڏهن“ مون کي ڄڻ تنهنجي ڳالھ تي يقين نه پئي آيو.”جڏهن خدا چاهيو“ تو وراڻيو هو. ”توهان ناراض ته نه آهيو نه؟“ تو پڪ ڪرڻ لاءِ مون کان ٻيهر پڇيو هئو.”توسان نارازضگي، ڄڻ پنهنجي حياتيءَ سان ناراضگي سمجهندو آهيان.“ تو کي پهريون ڀيرو ”تون“چئي مخاطب ٿيو هئس.”سوري توهان سان ناراضگي“پنهجي غلطي جو اعتراف ڪيو هئم..”نه نه! توهان مون کي ”تون“ به چئي سگهو ٿا.“ تنهنجي لهجي ۾ پنهنجائپ محسوس ڪئي هئم. ”تون منهنجي زنده رهڻ جو ڪارڻ آهين سانئڻ! جيون جي ڪل موڙي، ساعتون تو بنا صديون ٿو ڀانيان…“!! توکي اھو چوڻ چاهيو هئم ته تو ن پڇيو هو.”ڳوٺ ڪڏهن ويندئو..؟“ ”فزيو جي سب اسٽيج آ نيڪسٽ ويڪ، اها ڏيئي پوءِ ويندس“ توکي وراڻيو هئم.”ڪهڙن چيپٽرن مان ٿيندي ٽيسٽ؟“ تو پڇيو هئو، ”سي، وي، ايس.“ ”هون. پوءِ هرٽ پڙهي ڇڏجو سٺي طرح..“ تو هميشه جيان صلاح پئي ڏني.”دل پڙهڻ لاءِ نه هوندي آ سانئڻ!“ توکي چيو هئم ”پوء “ تو پڇيو هئو. ڌڙڪڻ لاءِ هوندي آ. ”پوءِ اهي ڌڙڪنون ئي پڙهي ڇڏجو“ ”مون پڙهيون آهن، پنهنجون به ۽ توهان جي به..“ توکي چيو هئم. ”توهان جي ڌڙڪنن جي ته خبر ناهي عامر، پر منهنجي دل ڪنهن لاءِ ٿي ڌڙڪي اهو ڪيربه نه ٻڌندو ۽ شايد مجبور ٿي مان پاڻ به نه ٻڌي سگهان، تنهنڪري سي وي ايس تي ڪنسنٽريٽ ڪيو ٽيسٽ لاءِ“ تو اهو چئي فون بند ڪري ڇڏي هئي ـ
تو سان صرف فون تي ئي ڳالھ ٿيندي هئي ۽ اهو سلسلو ٻه سال مسلسل رهيو هئو. هڪ ڏينهن اچانڪ تو منهنجا سڀئي خط، گفٽ ۽ توڏي اماڻيل شاعري اهو چئي واپس موڪلي ڇڏي هئي ته ”مون جهڙين ڇوڪرين جا نصيب سدائين انائن جي ٽياس تي ٽنگيل هوندا آهن، اسان جون تمنائون ان ويل سوليءَ تي چاڙهيون وينديون آهن، جڏهن پنهنجي مرضي سان جيون جي تاراڻڻ چاهينديون آهيون، آئون صحرا ۾ کڙيل ان گلاب جيان آهيان عامر، جنهن جي خوشبوء ئي رائگان ويندي. منهنجي نصيب ۾ ڪوئي ڀنئور نه پر ٿوهر ئي لکيل آهن. نصيبن جا ڪاتب اسان جي مقدر ۾ پنهنجن پٽڪن جا ور ۽ انائن جون زنجيرون به اٽڪائي ٿا ڇڏين. مون جهڙي ڇوڪري پنهجي خانداني خدائن جي ڪيل فيصلن تي قربان ٿيڻ لاءِ ئي پيدا ٿيندي آهي. مون کي وساري ڇڏڻ کان علاوه اوهان وٽ ٻيو ڪوبه آپشن ڪونهي. وقت جي دز ۾ زندگيءَ جون رونقون لٽجي رهيون هيون، اکين مان خوابن جا پنڇي اڏامي ويا هئا، پر تنهنجا عڪس ذهن جي پردن تان ميساري نه سگهيو هئس، وقت جي وڇوٽي ڪڏهن به محبتن کي مات ناهي ڏني سانئڻ! دل جي کنڊرن ۾ تنهنجي يادن پنهنجا اڻ مٽ عڪس ڇڏيا هئا، تنهنجي وڇڙڻ سان اڪيلائيون منهنجي جهولي ۾ اچي ويون هيون، رولاڪ راهن جو اڪيلو مسافر بڻجي، توکي پنهنجي شاعري ۾ ڳولڻ لڳوهوس. تون ٻيهر ملي وئين، ائين لڳو ڄڻ نئون جنم ورتو اٿم. منهنجي شاعري جي تابوت مان لفظن جي نئين پيدائش شروع ٿيڻ لڳي هئي. وکريل وجود کي ٻيهر ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي هئم. وقت جي ڪيل وارن سان تنهنجي وارن ۾ چاندي اچي وئي هئي، پر تنهنجي چپن تي سجايل هلڪي مرڪ اڄ به منهنجي سالن کان جلاوطن ٿيل جذبن ۾ ٻيهر جوش پئدا پئي ڪيو. احساس ڪر موڙڻ لڳا. سوچيم توکي ٻاهن ۾ ڀري پندرهن سالن جي سموري سڪ لاهجي، تون ۽ مان پنهنجي پنهنجي پروفيشنل لائيف ۾ ڪافي سيٽلڊ هئا سين، پر اندران خالي ۽ کوکلا. سڀ ڪجھ هوندي به ڪنهنجي ڪمئ جواحساس ۽ اندر جي اڪيلائي ٻنهي جي جيون ۾ ڪي رنگ ته نه ڀري سگهي هئي، پر مڙئي وقت گذاري رهيا هئاسين. توسان تنهنجي آفيس ۾ ملڻ آيو هئس، توکي هلڪي ڪلر جو پنڪ سوٽ پاتل هئو، وارن جي هڪ سنهي لڪير تنهنجي ڳلن تي هميشه جيان لٽڪيل هئي، ڄڻ چنڊ بادلن جي اوٽ ۾ لڪل پئي محسوس ڪيم. تنهنجي سامهون رکيل ڪرسي تي ويهي رهيو هوس. ڪي گهڙيون ٻئي خاموش بت بڻجي هڪ ٻئي کي ڏسي رهيا هئاسين، وقت جي ستم ظريفين تي ڄڻ خاموش ماتم پئي ڪئيسين. ”ڪيئن آهيو عامر.“؟ ”تون ساڻ هئين سولي هئيتو بن ڏکي آ زندگي،“! توکي وراڻيوهئم.”اڃان به شاعري هلي پئي“؟ تو پڇيو هئو”تنهنجي وڃڻ کان پوء شاعري ئي ته منهجي زندگي ۾ بچي آ سانئڻ! ۽ تون منهجي شاعري جي هر سٽ هئين، منهنجي هر لفظ ۾ تنهنجو عڪس سمايل رهيو آ، منهنجي ڪوتائن ۾ هميشه تون مون سان گڏ رهي آهين“ توهلڪي مسڪراهٽ پنهنجي چپن تي آندي هئي. تنهنجي آفيس جو دروازو اچانڪ کليو هو. ”ميڊم ! ڀوتار اڄ لاهور ٿو وڃي ننڍي ميڊم ڏي، گاڏي جون چاٻيون اوهان کي ڏيان يا پاڻ وٽ رکان؟“ اڇي ڏاڙهي واري هڪ بزرگ دروازي تي بيهي توکان پڇيو هئو. ”پاڻ وٽ رک چاچا گلاب“! تو کيس جواب ڏنو هئو. هو دروازو بند ڪري هليو ويو هو. مان پنڊپهڻ ٿي توکي گهوري رهيو هوس.”ان ڀوتار جي وڏي بيگم مان آهيان عامر.“ تو خاموشي ٽوڙيندي ڳالهايو هو. تنهنجي آفيس مان نڪري ٻاهر روڊ تي هليو آيو هئس ـ
ڀوتار…….ننڍي ميڊم…لاهور…لفظ منهنجي دماغ تي هٿوڙن جيان لڳي رهيا هئا. اسٽيشن روڊ تي هلندڙ تيز رفتار گاڏين جي هيٺيان منهنجي شاعري ڦتڪي رهي هئي ـ

Check Also

استاد سنجيدہ ٿي تعليم ڏيندو تہ ٻار ان وٽ پاڻھي ايندا بس تعليم ڏيڻ واري عمل کي ٻارن لاءِ دلچسپ بڻايو وڃي ـ مسڪين محمود لغاري

سردار احمد ٻرڙو مسڪين محمود لغاري سنڌو درياءَ جي ڪپ تي ساھتي پرڳڻي جو پس …