Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / ڪهاڻيون / اي ميل ـ سردار احمد ٻرڙو ـ قسط 02

اي ميل ـ سردار احمد ٻرڙو ـ قسط 02

مَن معاف ڪجان، ان ڏينھن چنڊ جو رقص بادلن کي الائي ته وڌيڪ پسند اچي ويو الائي ته ڪاوڙجي پيا ان لاءِ ان رات اوچتو تارن پنھنجون منڊيون بادلن ۾ ھنيون، چنڊ کي به ڪڪر وڪوڙي ويا ٿوري دير ۾ بادل آسماني خدا جيان واڄٽ ڪرڻ لڳا جھڙوڪ تغلق بادشاه درٻار ۾ ويھي پنھنجي ظالم سپھ سالار کي ڪڙڪي ۾ چئي رھيو ھجي ته وڃو سنڌ ۾ خون جون نديون وھائيو ۽ پوءِ ھو اتر سنڌ تي ڪاھي ٿا اچن ـ
ان رات جڏھن مينھن ڦڙيون زمين تي برسي رھيون ھيون ته مون کي تنھنجي ياد آئي جڏھن تو ماسات جي شادي ۾ ڪٿڪ ڊانس ڪئي ھئي ته اڻ مندائتو بادل برسي پيو ھو ۽ ھاڻ ته به مان مينھن جي بوندن ۾ تنھنجو عڪس ڳولھي رھيو ھيس پر ھٿ نه آيو، تون مون کان ايترو ڏور ٿي وئي آھين جو ھاڻ آرام باغ ۾ به مون کي سڪون نٿو ملي ۽ پوءِ سگريٽ دکائي ان جي سرمائي دونھين ۾ خيالن کي رقص ڪرائڻ لڳس، برسات سبب بجلي ڪٽيل رھي ان لاءِ توکي ميل نه ڪري سگھيس پر تو جيڪو جواب ڏنو آھي اھو ڏاڍو مختصر ۽ ڀوائتو آھي ـ
او منھنجي سر جا سائين! ايڏو ياد نه ڪر جو چريو نه ٿي وڃين، چند تنھنجا سلام آڻيندو آھي ۽ مان روز ڇت تي چڙھي تنھنجا سلام وصول ڪندي آھيان، تنھنجي ميل جڏھن به پھچندي آھي ته مان پڙھڻ لاء پرسڪون ماحول تلاش ڪندي آھيان، خبر پئي ته تنھنجي گھر وارن ابو کان رشتو گھريو ھو پر شايد ابو منع ڪري ڇڏي آھي ـ
او منھنجي سر جا سائين! توکي چوندي ھيم ته چمين جا ايڏا تحفا ۽ ڀاڪرن جا احسان نه ڪر جو مان لاھي نه سگھان ۽ تاريخ جي مياري ٿي پوان ـ
تنھنجو ھي جواب پڙھي منھنجي پيرن ھيٺان زمين نڪري وئي ھئي، مون ته امان جي واتان ٻڌو ھو ته تنھنجي بابا سوچڻ جو چيو آھي ان لاءِ مان صبر ۾ ھيس پر تنھنجي ميل مون کي ڇرڪائي وڌو ،او مَن! منھنجي يونيورسٽي جي ڊگري کان ھن وقت تائين منھنجي ھر مشڪل ۾ تنھنجو ساٿ رھيو آھي، تو تہ منھنجي مِٺين ۽ ڀاڪر جي ڀرين جا احسان لاھي ڇڏيا آھن پر شايد مون تنھنجي ياد ۾ جيڪا آدرش جي جھوپڙي اڏي آھي اھا ڪنھن بہ طوفان ۾ نه اجڙندي ـ
مينھن کان پوء ھر طرف ڦوٽھڙو ئي ڦوٽھڙو آھي، ھر چھري تي مرڪ آھي، ڪچن گھرن جي ڀتين ۾ مشڪ جھڙي خوشبو آئي آھي، وڻ ساوا ستابا ٿي ويا آھن پر منھنجي چھري تي اداسي ڇانيل آھي، فطرت جي ھر سونھن ۾ توکي ڳوليان ٿو، ڪيفيت تي تنھنجون ڳالھيون حاوي ٿي ويون آھن، ويٺي ويٺي تنھنجا لفظ آواز ٿي ڪنن تائين پھچن ٿا، ھاڻ مان ھتي نہ ٿو رھي سگھان ھي ٻني ٻارو مون کان ڏاڍو آھي، ھاڻ پنھنجي سند کڻي ڪراچي لاء سوچيو اٿم، وڌيڪ حال احوال ٿيندو رھندو، اڄ چند جي آخري تاريخ آھي شايد رات جي ٻئين پھر نڪرندو ان لاءِ آءَ به سندس سان رٺو آھيان ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …