Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / مضمون / ايڪوھين صدي سنڌ جو تعليمي بحران ۽ مايوس نوجوان ـ اويس فيض

ايڪوھين صدي سنڌ جو تعليمي بحران ۽ مايوس نوجوان ـ اويس فيض

ايڪويھن صدي جيتوڻيڪ ھڪ وڏو پيمانو آھي، جنھن کي ماپڻ لاء ھڪ مخصوص اوزار يا تارازي ھجي جنھن ۾ پوري صدي جي پھلوئن ۽ سببن کي ماپي سگھجي. پر ڪڏھن ڪڏھن ائين ٿندو آھي تہ سماجي سبب مختلفن ڍانچن جي صورت اختيار ڪري وٺندا آھن، جن کي تارازي ۾ ماپي انھن سبب جو وزن ڪڍي ۽ سمجھي سگھجي ٿو. ائين ئي ايڪوھين صدي مختلف، سياسي، تعليمي، ثقافتي، معاشي، پھلوئن ۽ سببن سان ڀري پئي آھي، پر اسين سنڌ جي اندر تعليمي ھٿيار کي سمجڻ جي ڪوشش ڪنداسين ـ
ايڪوھين صدي جيتوڻيڪ سائنس، ٽيڪنالاجي، ڏاھپ، ۽ جاکوڙ جو دؤر آھي، جنھن جو مثال ھينئر ڪرونا جھڙي فطري خطرناڪ وبا کي منھن ڏيڻ ئي آھي. جنھن 200 يا 200 کان مٿي ملڪن ۾ تباھي مچائي ڇڏي آھي، ھن رت چوسيندڙ بيماري جو علاج بہ سائنس ۽ ڏاھپ، ٽيڪنالاجي کانسواء ناممڪن ٿي پيو آھي. پر پوء بہ چين، امريڪا، اٽلي، اگلينڊ، ۽ يورپ جا تعليمي، ٽيڪنالاجي آفتہ ملڪ ان بيماري جو علاج ڳولڻ ۾ مشغول آھن تہ ڪئين اھڙي رت چوسيندڙ جيوڙي کي رت چوسڻ کان بچائي ماڻھن جي جيون کي محفوظ ۽ بچائي سگھجي، ھن بيماري کي بہ منھن ڏيڻ لاء سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ليبارٽيري جو سھارو ورتو پيو وڃي. پر. جيئن تہ سنڌي سماج سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جھڙن وسيلن سان وابسطو گھٽ رھيو آھي، جي اگر رھيو بہ آھي اٽي برابر لوڻ جيترو اھو ان ڪري جو سنڌي سماج ۾ ٽيڪنالاجي جومثبت استعمال 100 مان ڪو 0.10 پرسنٽ آھي. جنھن جو ڪارڻ بہ جديد تعليم کان اڻ واقف رھڻ ئي آھي. جنھن جو ھڪ سبب تہ جديد دؤر ۾ نيوليبريليزم قسم جي تعليم ڏني وڃي ٿي، جيڪا اسڪول ۾ داخل ٿيندڙ فرد، يار ٻار جي ذھني اوسر مطابق ابتڙ ھجي ٿي ـ
اسڪول ۾ جڏھن ٻار داخل ٿئي ٿو تہ ان کي پھريائين تہ مقابلو ڪرڻ سيکاريو وڃي ٿو، پھريئين نمبر کڻ نہ تہ آفيسر ڪونہ ٿيندي، ائين ٻار ۾ اھا سوچ ڪامپيٽشن واري سوچ پيدا ٿئي ٿي، پر جيئن جئين ٻار جي ذھني اوسر وڌي ٿي تيئن ھن جي سوچ کي نيوليبريليزم قسم جو تعليمي نظام ھنجي ذھن ۾ ٽيڪنالاجي جي ذريعي نيوليبرير قسم جھڙي نفسياتي گند ڀري ٿو. جيڪا ٻار جي ذھن ۾ ائين گھر ٺاھي وڃي ٿي جو اھا گندگي ٻار جو يونيورسٽي جھڙن اداران تائين ٻار ذھن ۾ اھا گندگي ھجي ٿي جو ٻار چاھيندي بہ ان گندگي مان نڪري نہ سگھندو آھي. اھڙن گندگين جي ڪري ئي پورو تعليمي ايڪوسسٽم تباھ ٿيڻ شروع ٿيندو آھي، اسين جنھن سماج ۾ رھون ٿا، ٻاھرين طور اسين ايڪويھن صدي ۾ آھيون پر اندوروني طور اسين ايڪوھين صدي کان پري آھيون، جو ٿلھي ليکي مشاھدو ڪجي تہ نہ ئي ھيٺاھين طبقي جي عام فرد وٽ تعليم جو ڪو تصور ھجي ٿو، تعليم تہ پري نہ ھن وٽ اڪيوھين صدي جھڙو صحتي نظام، نہ کائڻ لاء ڪجھ، نہ رھائش لاء جديد ۽ اعلي قسم جي رھائش، نہ ئي تعليم لاءايڪوھين صدي مطابق معياري سھولتون، نہ زرعي اپاء لاء جديد قسم جون سھولتون بنہ گھٽ ھجن ٿيون وغيرہ. اھڙي پٺتي پيل سماج کي اڳتي وڌڻ لاء اھو پورو نظام ھڪ تعليمي، ۽ عقلي بنيادن تي ٻڌل ھوندو آھي. پر اسين اڃان پٿر واري دؤر ۾ ليلھائي رھيا آھيون، باہ واري دؤر ۾ نہ پھتا آھيون، باھ واري دؤر مان مراد آھي روشني وارو دؤر سائنس، ٽيڪنالاجي وارو دؤر جنھن روشني واري دؤي سان اسين امريڪا، يورپ، چين جھڙن ترقيء آفتہ ملڪن سان ڪلھو ڪلھي سان ملائي ھلي سگھون. اھو ئي سبب آھي جو سنڌي سماج کي پٿرن واري دؤر مان نڪري نئين سماج ڏانھن قدم کڻڻ گھرجي ۽ پنھنجي قوم، ثقافت، تعليم جي منفي پاسئن کان پاسو ڪري مثبت ۽ روشن رستن ڏانھن ھلڻ گھرجي، تہ جئين باھ واري دؤر ۾ گھڙي سنڌي سماج کي اونداھي کان بچائي ۽ اونداھي تعليمي بحرانن مان نڪري ايڪوھين صدي جي مثبت سائنس، ٽيڪنالاجي استعمال سان پاڻ مڃرائي ۽ جديد قسم جا نوان رستا، تعليمي لِاِء، کوجنا ڪري تہ جيئن سماج جي تعليمي بحران جو خاتمو ٿي سگھي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …