Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / مضمون / ايڪويھين صدي ۽ ڦر لٽ جو نئون نظام! ـ اويس فيض

ايڪويھين صدي ۽ ڦر لٽ جو نئون نظام! ـ اويس فيض

جيتوڻيڪ ايڪوھين صدي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آھي جنھن کي سائنسي ۽ معروضي حالتن کان بنا سمجھڻ ايڪوھين صديءَ سان ناانصافي ٿيندي. اھو ائين آھي جيئن لٺ بہ ھڻجي ۽ نانگ بہ نہ مري. جڏھن ايڪوھين صدي ھڪ ھڪ وڏو ترقي آفتہ ۽ ڀڄ ڊوڙ جو نظام آھي، جنھن ۾ سائنسدان ۽ معيشتدانن سميت سموري دنيا جي عوام کي ائين جڪڙي ڇڏيو آھي جو سموري دنيا جو ڪار وھنوار اھڙي دؤر کان بنا نٿو ٿي سگھي. اھو ايئن آھي تہ دنيا جي وڏن وڏن ماھرن ۽ سائسندانن جي ايجادن ۽ نئين جديد پيدا ڪيل نظام اھو سمجھي سگھجي ٿو تہ شيون ۽ سماج ساڳيا آھن پر انھن شين ۽ سماجن جو حالتون بدليون آھن ـ
مثال طور 18 ۽ 19 صدي ۾ ماڻھن جا رابطہ خط ذريعي ٿيندا ھئا جيڪو پيپر ذريعي ھڪ ماڻھو کان ٻئي ماڻھو تائين پيغام پھچائبو ھو. پر ايڪوھين صدي ۾ اھو ساڳيو ئي خط لکجي ٿو، پر اھو ٽيڪنالاجي طور استعمال ٿئي ٿو. موبائل ۾ ايِ ميل، فيس بوڪ يا مختلف ٽيڪنيڪل طريقي سان لکي ٻين ڏانھن پيغام يا معومات موڪلي ٿو. ڇو تہ اڳيئن دور ۾ ان خط يا لکت کي ٻين تائين پھچڻ لاءِ وقت لڳي ويندو ھو. پر ھن جديد دؤر ۾ انھيءَ ساڳئي لکت ۽ خط سوشل ميڊيا ذريعي ھڪ منٽ جي اندر سوين ماڻھون ڏسي سگھن ٿا، جنھن سان سڌي ريت اسان جو ڪوبہ واسطو نہ ھوندو آھي ـ
اھڙي طريقي سان ٽيڪنالاجيءَ جو استعمال مشيني طور پورھئي ۽ ٻھراڙيءَ جي ڍنڍن ۾ پڻ استعمال ٿئي ٿي. جيئن عام طور تي ھڪ پورھيت عورت سئي جي زريعي ڪپڙا اڻڻ ۽ سئي ڌاڳي سان مختلف شين جي ڊزائين ٺاھي انھن جو استعمال ڪندي ھئي. پر جيئن سلائي واري مشين جي ايجاد سان سئي واري ھنر کي آسان ڪري ڇڏيو نہ ئي سئي ڌاڳي جي ھنر گھٽتائي آندي پر ھن وقت مارڪيٽ ۾ مختلف عورت توڙي مرد جي ڪپڙن جون ڊزائين ۽ جديد ٽرينڊ نيولبرل قسم جا ڪپڙا موجود آھن. جڏھن اھڙي حالت نہ صرف پاڪستان ۽ سنڌ ۾ آھي پر دنيا جي سمورن ترقي آفتہ ملڪن ۾ ائين شين کي نيئن شڪلن ۾ آڻي استعمال ڪيو پيو وڃي ـ
جنھن کي ايڪويھين صديءَ ۾ ” نيوليبريليزم“ نظام چئي سگهجي ٿو. جيڪو سرمائيدارن جي ھٿ ۾ آھي. سرمائيدار جديد ٽيڪنالاجي دؤر کي ائين ڦوڪڻي وانگر ڦوڪي ھڪ ٻار کي رجھائڻ لاءِ راند کيڏي رھيو آھي. جو دنيا چاھيندي بہ سرمائيدارن جي ھٿن ۾ ڪڏي رھي آھي ـ
جديد دؤر ۾ ھڪ ٻھراڙيءَ جي عام ماڻھو کي پنھنجي پيٽ پالڻ لاءِ اڌ ڪلو پٽاٽا ۽ يا گھريلو ضرورت جي پوراءَ مارڪيٽنگ نظام جو حصو ٿيڻو پوي ٿو. جيڪو پڻ ھڪ سرمائيدار نظام طئي ڪري ٿو تہ شين گھٽ ۽ وڌندڙ زريعن سان ماڻھن کي ڪيئن پاڻ ڏانھن ڌيان ڇڪائي انھن جو استحصال ڪجي ـ
جيئن ٻھراڙيء جي ننڍڙن ننڍڙن ڪمن ڪندڙ مزدورن ۾ درزي، موچي، ھوٽل، ريڙھي وارن جو بہ پنھنجي ضروتن جو سامان کنڊ پتي، لوڻ، اٽو، پٽاٽا وغيرہ بہ ھڪ ٻئي تہ مختلف قيمتن جي زريعي وصول ڪن ٿا. جنھن عام ماڻھو ۽ مزدور جو کائڻ پيئڻ جو ضرورتون ئي بنہ گھٽ پوريو ٿين ٿيون. پر انھن شين تي لڳل ٽيڪس جو فائدو وري بہ کنڊ پتيءَ، لوڻ، صابڻ، شيمپو، چپس جھڙن عام شين جي مختلف ڪمپينن جھڙوڪ جانيلوير، پيڪ فرينس، گبس، حلال عام لوڪل ڪمپنين جو ٿئي ٿو، جيڪا سرمائيداراڻي نظام چال آھي، جنھن سان سرمائيدار شين کي واڌئي ٽيڪس جي صورت ۾ عام ماڻھن جو استحصال ڪري ٿو. ۽ مزدورن عام ماڻھن جي ڪيل پورھئي ۽ پگھر سان لوڙائي لوڙائي انھن کي پنھنجي نيچ نظام جي استحصاليءَ کان پري ڪري ٿو، تہ جيئن جديد سرمائيدارڻي نظام ۾ اھي مصروف رھن ۽ سرمائيدار جديد مارڪٽنگ ذريعي انھن جو رت چوسيندو رھي. جئين جديد نوان طريقا ڳولي ٿو تہ ڪيئن شين جو استعمال ڪري عام ماڻھن جي استحصال کي جاري رکي سگھجي ـ
ائين ايڪوھين صديءَ ۾ جديد ٽيڪنيڪل سان گڏوگڏ ڪارخانن ۽ تعليمي ادران، بک، بدحالي سميت سائنسي ضروت کي سرمائي جي آڙ ۾ ماڻھن کي ڦريو ۽ لٽيو وڃي ٿو ـ

Check Also

سدا واھ شاخ جي پڇڙي تي جوڊيشل ميجسٽريٽ ون جج شفيق احمد کرل جو مختلف واٽرن جو دورو

شهدادپور(رپورٽ: رجب رند) شھدادپور لڳ آبادگارن جي شڪايت تي سول جج جو سدا واھ شاخ …