Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / مضمون / ايڪويھين صدي جو تعليم نظام ۽ سنڌ جي تعليمي بحران! ـ اويس فيض

ايڪويھين صدي جو تعليم نظام ۽ سنڌ جي تعليمي بحران! ـ اويس فيض

ايڪويھين صدي سائنس، ٽيڪنالاجي ڏاھپ ۽ آزادي جو پيمانو آھي، جنھن کي سائنس ۽ ڏاھپ جھڙن روشن خيال فڪرن ۾ پرکيو وڃي ٿو. انھيءَ فڪري اوسر جي آڙ ۾ دنيا جا ترقي يافتہ ملڪ امريڪا، چين، سڊني، ڪيوبا سميت ايشيا ۽ يورپ جا ملڪ ھر نئين کوجنائن ۾ مشغول آھن تہ اھڙي ڀڄ ڊڪ واري صدي ۾ ترقي ڪري ايندڙ نون نسلن لاءِ ٽيڪنيڪل طور نئون تعليمي نظام جوڙي سگھجي تہ انھيءَ جديد تعليم ۽ ڏاھپ مان ايندڙ نسلن کي فائدو ملي سگھي ـ
جڏھن تہ ترقي يافتہ ملڪن ۾ جديد تعليم سان گڏوگڏ پرائمري ليول تي ھڪ اھڙو تعليمي ميڪينزم جوڙيو وڃي ٿو، جتي ٻار کي انھيءَ جي ذھني اوسر مطابق تعليم ڏني وڃي ٿي. ڇاڪاڻ تہ بلوم ٽڪزانامي جيڪو امريڪا جو تعليمي ماھر آھي انھيءَ ھڪڙي ٿيوري پيش ڪئي ھئي، جنھن ۾ ھن جو چوڻ ھو تہ ھر ٻار جي ذھني اوسر ۽ شين کي سمجھڻ جو طريقيڪار ھر ٻار کان مختلف ھوندو آھي. اھو لازمي نہ آھي ھر هر ٻار يا فرد ھڪ. سوچ ۽ دلچسپي رکندڙ ٿئي. ائين آمريڪا، برطانيہ، سڊني جھڙن ترقي يافتہ سؤ پرنسٽ مان اسي پرنسٽ ٻارن کي تعليمي انھن سمجھ ۽ ذھني اوسر مطابق ڏني وڃي ٿي. پرائمري ليول کان ئي ٻارن ذھني طربعيت ڪري انھن کي انسانيت واري تعليم ڏني وڃي ٿي. جنھن سان اھڙن ملڪن جا ٻار پيٽ ۽ ذھن جي بک مٽائي سگھن ٿا ـ
جڏھن سنڌ جي پرائمري تعليم نظام انھيءَ جي ابتڙ آھي. جنھن جو ھڪ سبب ٻار جي ذھني اوسر کي سمجھڻ کان ناواقف ھجڻ آھي. جڏھن ٻھراڙين جي اسڪولن ۾ جتي مختلف ذھنن ۽ ٻولين جا ٻار پڙھندا آھن. جڏھن تہ ھڪ ٻوليءَ ڳالھائيندڙ استاد کي گھڻن ٻولين ۽ مختلف ذھني سمجھ کي پرکڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آھي. ڇاڪاڻ تہ پرائمري ليول تي ٻار کي تعليم طوطي وانگر رٽائي ڏياري وڃي ٿي. جڏھن تہ ٻار ذھني اوسر ٻئي ھوندي آھي ممڪن آھي تہ ھو راند کيڏڻ ۾ ڀلو ھجي، يا ڳائندو سٺو ھجي. يا ٻار ڪنھن ٻئي سبجيڪٽ رياضي، سنڌي، تاريخ ۾ دلچسپي رکندو ھوندو پر سنڌ جي ٻھڙارين وارن سرڪاري اسڪولن کي ھٿ وٺي ٻارن جي ذھنن تي دٻاءْ ڏئي. انھن کي ھڪ نيوليبرليزم تعليم فڪرن ۾ وڪيو وڃي ٿو. جڏھن تہ سنڌي ٻھراڙي جي اسڪولن ۾ سنڌي، بلوچ، سرائڪي ٻولين جا ٻار پڙھن ٿا جن کي سنڌي ٻوليءَ ۾ دلچسپيءَ بہ نہ ھوندي آھي. پر استاد جي ڊڄ ۽ مائٽن جي ڊپ کان انھن مجبوري طور پڙھڻو پوي ٿو، ائين سنڌي وارن ٻارن کي وري اڳتي وري انگريزي کي جھڙي مجبوري طور پڙھڻو پوي ٿو، جنھن انھن ٻارن جي دلچسپي بہ نہ ھوندي آھي. انھيءَ اھو ثابت ٿئي ٿو تہ ھر ٻار ذھني اوسر مختلف ھوندي آھي ـ
تازو ھڪ خبر ھلي ھئي تہ سنڌي ادبي بورڊ پاران يوٽيوپ تي پرائمري ليول جي شاگردن لاءِ سنڌيءَ ۾ سائنسي ليڪچر وڊيوز آنلائين ڪيا آھن، اھو ھڪ سٺو قدم ھو پر ھر سنڌ جو خاص طور عام ٻھراڙي جي ٻارن وٽ يوٽيوپ جي سھولت موجود نہ آھي. انھيءَ وڊيوز مان انھن ٻارن کي ڪھڙو لاڀ ملندو. انھيءَ کان بھتر طريقڪار اھو آھي تہ سنڌي نصاب ۾ سائنسي مواد شامل ڪري. تہ جئين مقامي ماڻھون جو ٻار بہ انھيءَ مواد مان لاڀ حاصل ڪري سگھي. سنڌ گورنمينٽ کي گھرجي تہ ھڪ اھڙو تعليمي ميڪنيزم جوڙي. جنھن ۾ تعليمي نصاب ۽ ٻولين جي برابري سان گڏوگڏ ٻارن جي ذھني اوسر جي پرک ڪئي وڃي تہ ٻار ڪھڙي ڇا ۾ دلچسپي رکي ٿو. جڏھن سنڌ جي اندر ٻار کي ذھني اوسر ۽ ٻولين جي بنياد تي تعليم نصاب پڙھائيو ويندو تہ تڏھن سنڌي سماج کي ايڪويھين صديءَ جي روشن خيال تارازيءَ ۾ ماپي سگھبو. سنڌ گورنمينٽ کي گھرجي اھڙو تعليمي نظام سان جلد متعارف ڪرائي نہ ٻئي صورت ۾ سنڌي کي دنيا مظلوم قومن وانگر ائين ڀوڳڻو پوندو جيئن ٻيون قومون ٻين غلام رھيو آھن ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …