
نوابشاھ (رپورٽر مزمل چانڊيو) سنڌ ترقي پسند پارٽي تعلقي نوابشاھ پاران لب گجر واھه پارڪ تي ٿيل قبضي خلاف نثار ڪيريو، رفيق ملاح، شاھنواز ڪيريو، ٻڍل مگسي، رستم شاهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اڄ ٻئي ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي بک ھڙتال کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته نوابشاهه ۾ حڪومت ڌر جا ماڻهو لينڊ مافيا بڻجي چڪا آهن ۽ انھن شھر جي ڪيترن ئي علائقن تي قبضا ڪري ڇڏيا آهن، ھنن چيو ته لب گجر واھ پارڪ تي قبضو ڪري اتي ھوٽل ٺاھي ڌارين جي حوالي ڪئي وئي آهي جيڪو غير قانوني عمل آهي، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته لب گجر واھه تان قبضو ختم ڪرائي ان جي سونهن بحال ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو جنھن جي ذميوار نوابشاهه جي انتظاميه ھوندي ـ