Saturday , February 27 2021
تازاترين
Home / ڪهاڻيون / ايجاد ـ رضا ٻرڙو

ايجاد ـ رضا ٻرڙو

عامر جو پيءُ يارمحمد عامر کي شهر جي پرائيويٽ اسڪول ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ کٽ تي ويٺي سوچيو. عامر جنهن جو اکيون گول، منهن جا ڳٽا ۽ جسم ڀريل، مٿو هنداڻي جيان گول قد جو هلڪو هيو. عامر پنهنجي مزاج ۾ حرڪتي ۽ هن جي چهري تي هميشه معصوميت نمودار هئي. عامر جو پيءُ يار محمد جنهن جا وڏا شهپر ڪمند ڇلهڻي جيان نظر ايندا هيا. يارمحمد وڏيري جي زمين ۾ هارپو ڪندو هيو. عامر 4 ڀينرن کان بعد هي يارمحمد جو سڪي لڌو پٽ هيو، جنهن کي يار محمد مستقبل ۾ ڪنهن وڏي منزل تي ڏسڻ ٿي چاهيو، ڳوٺ جي سمورن ماڻهن جو گذران وڏيري جي زمينن جي هارپي تي هيو، هنن جي ڳوٺ ۾ اڪثر ڪڻڪ ۽ سارين جا فصل ٿيندا هيا. هن ڳوٺ جي باشندن ابي ڏاڏي کان وٺي انهن ڀوتارن جو زمينون هارپي تي ڪاهيندا آيا پر دنيا جا سمورا سک انهن ماڻهن کان ائين رٺل رهيا جيئن ڪنهن شهر جي اناپرست لالچي حسينه ڪنهن مفلس ٿي ويل عاشق کان رٺل هجي. پر تنهن هوندي به هتان جي ماڻهن جو گذران هارپي تي هيو بک ڏک تي مادي خوشيون نه هجڻ باوجود هو پنهنجي بکي ڏکي حال ۾ جيئندا رهيا. يارمحمد جي ذهن ۾ هميشه اها سوچ رهي ته اسان نسل در نسل وڏيرن جون زمينون آباد ڪري ٻه ٽي ڪڻا ان جا پنهنجي گهر کڻي زندگي جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ ۾ به ناڪام ويا آهيون، هاڻي يارمحمد پنهنجي ۽ ڳوٺ جي ٻين رشتيدار هارين جي مقدر کي تبديل ڪرڻ لاءِ عامر جي اکين ۾ خوشحالي جا خواب ڏسڻ شروع ڪيا ـ
يارمحمد پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي ساڻ ڪري ڳوٺ جي بسن واري اسٽاپ طرف وٺي ويو، جيڪو ڳوٺ جي گهرن کان اڌ ميل پري هيو. هو اسٽاپ وٽان بس تي شهر روانا ٿيا، شهر جي مشهور پرائيويٽ اسڪول ۾ پهتا جتي هن اسڪول جي پرنسپال کان تعليم جي خرچ جي معلومات ورتي معلومات وٺڻ کانپوءِ يارمحمد جي نراڙ تي پگهر ائين نظر آيو جيئن اسٽيل جي گلاس ۾ ٿڌي پاڻي پوڻ کان بعد ٻاهران پاڻي جا ڦڙا. يار محمد فيس ادا ڪرڻ کان ويندي سمورن خرچن جو بار پنهنجي ڪلهن تي کڻن جو اقرار ڪيو ڇو ته يارمحمد کي عامر هر صورت ۾ پڙهائڻو هيو. هر روز يارمحمد عامر کي صبح سان اسٽاپ تي ڇڏڻ ويندوهيو ۽ منجهند جو اسٽاپ تي بيهي هن جي اچڻ جو انتظار ڪري هن کي اسٽاپ تان واپس گهر ڇڏيندو هيو ـ
اها خبر ڳوٺ جي سمورن ماڻهن سميت ڳوٺ جي وڏيري تائين پهتي اهو وڏيرو جيڪو تڪ جو ايم پي اي پڻ هيو ڪافي ڀيرا اسڪول جي اڏاوت واري بجيٽ اهو سوچي روڪرائيندو هيو ته جيڪڏهن هن ڳوٺ جا ماڻهو پڙهي پيا ته پوءِ منهنجي زمينن تي هارپو ڪير ڪندو هتان جا نوجوان نوڪرين سان وڃي لڳندا ۽ هي پنهنجي پيرن تي جيڪڏهن بيهي ويا ته پوءِ مونکي ووٽ به هرگز نه ڪندا جي ووٽ مونکي ڪندا به ته پنهنجي ڪمن جا شرط به رکندا ۽ سوال ڪرڻ به سکي ويندا. ائين به سنڌ جا وڏيرا شعور کان ائين ڊنل آهن جيئن پاڪستان آمريڪا کان. عامر جي اسڪول وڃڻ واري ڳالھ وڏيري جي ڳلي ۾ تير ٿي ٽنبيل هئي، سو يارمحمد وڏيري جي نياپي تي سندس جي اوطاق تي ويو ـ
وڏيري جي منهن تي ڪاوڙ جا هلڪا ڪڪر نظر آيا يارمحمد وڏيري جي اوطاق جي ڪمري ۾ فرش تي ويٺو ۽ وڏيرو ڪمري ۾ سوفي تي ويٺل هيو ـ
وڏيري پنهنجي نرڙ تي گهنج آڻيندي يارمحمد کي چيو ته يارو تون وري ڪڏهن کان ايترو سيبتوٿي ويو آهين جو اسان جي اجازت کانسواءِ ڇورو وري شهر جي اسڪول ۾ ٿو پڙهائين ؟
يارمحمد هٿ ٻڌي خوف منجهان وڏيري کي وراڻيو ته سائين سڪيلڌو پٽ آهي سوچيم ته ٻه اکر پڙهي پئي ان ۾ ڳوٺ جو نالو ٿيندو. وڏيرو ويتر ڪاوڙ ۾ اچي يار محمد سان مخاطب ٿيو ته ”يارو ڳالھ ٻڌ مان ٻيهر نه ٻڌان ته يارو وارو ڇورو اسڪول پڙهڻ لاءِ شهرٿو وڃي بس جيڪڏهن تو منهنجي ڳالھ نه مڃي ته پوءِ هارپي کان به جواب سمجھ“ وڏيري يارو کي وڃڻ جو چِيو يارو ڪمري جي در تي پهتو ته وڏيروآهستي آواز ۾ ڀڻڪيو هي وري ڳوٺ جو نالو ڪرائڻ هليا هن.. ـ
يارمحمد کي اندازو هيو ته هي ظالم وڏيرو مونکان زمين واپس وٺندو ۽ پوءِ عامر جو پڙهائڻ ته رهيو پنهنجي جاءِ تي پر اسان جو گذران به ڏکيو ٿي پوندو يارمحمد پريشاني ۽ مونجھ واري ڪيفيت ۾ سوچييندي سوچيندي هڪ حل ڳولهي لڌو. هن ڳوٺ جي هڪ ميدان تي ڳوٺ وارن ۽ پنهنجي عزيزن کي گهرايو سانجهي ڌاري زمينن جا ڪم ڪار لاهي ماڻهو پهتا اوندھ به ٿي چڪي هئي، يارمحمد پنهنجي ڳالھ جي شروعات ڪئي ته وڏيرو مونکان زمين ڦرينديو ڇو ته مان عامر کي پڙهائڻ ٿو چاهيان ۽ ها مان عامر کي صرف پنهنجي گهر خوشحال ڪرڻ لاءِ نه ٿو پڙهايان پر اوهان سمورن جي سک ۽ خوشحالي لاءِ ٿو پڙهايان سو مان اوهان سڀنيي رشتيدارن ۽ دوستن کي منٿ ٿو ڪيان ته عامر کي پڙهائڻ ۾ منهنجي مدد ڪيو ۽ جيڪڏهن اوهان سڀني مونسان ان ڏکئي وقت ۾ همدردردي ڪئي ته يقينن اها خبر وڏيري جي ڪنن تائين به نه پهچندي. ائين چئي يارمحمد پٽ تي ويهي رهيو. ڳوٺاڻن جي چهري تي حيراني هئي ، چڙ هئي ، غم هيو هڪ همراھ اٿيو يارمحمد سان مخاطب ٿي چيائين ته نسلن جا نسل اسان جا وڏيري جي چنبي ۾ رهيا پر جي هڪ به ڳوٺ جو ڇوڪرو اسڪول ۾ وچي ٿو ته وڏيري کي ڪاوڙ ٿي لڳي سو اهو غلط آهي ۽ يامحمد اهو توسان واعدو آهي ته تنهنجي هر ممڪن مدد ڪبي توکي ان ڪم ۾ اڪيلو نه ڇڏبو تنهن تي سڀني ويٺلن ڪنڌ هاڪار ۾ ائين لوڏيا جيئن بيدمشق جا وڻ تيز هواءِ ۾ لڏندا آهن ـ
ڪجھ ڏينهن گذريا يارمحمد کي زمين جي هارپي کان جواب مليو پهريون ڀيرو يارمحمد پنهنجي زندگي ۾ ايترو پريشان ٿيو، ڪجھ وقت کانپوءِ شهر جي ٻاهران واقع هڪ سرن جي بٺي تي هن کي مزدوري جو موقعو مليو.. بٺي تي مزدوري ڪرڻ ۽ ڳوٺ وارن جي مدد تحت هاڻي يارمحمد جي پريشاني ڪجھ گهٽي.. ـ
عامر صبح سان اسڪول وڃي ٿو شام جو ڀرپور محنت ڪندي رات تائين پنهنجي ڪتابن ۾ مشغول رهندو هيو. يارمحمد پنهنجي پٽ کي هر روز سمجهائيدو رهيو ته سموري ڳوٺ جي ڪاميابي جو راز تنهنجي محنت ۾ لڪيل آهي. عامر ذميواري محسوس ڪندي وڌيڪ جنبش ۾رهيو ۽ هر ڀيري پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر کڻندو آيو، جنهن جي ڪري ڳوٺ وارن جي دلين ۾ عامر لاءِ عزت ۽ اميد وڌندي وئي ـ
وقت سنڌو ڌرياءَ جيان وهندو رهيو،عامر خيرن سان انٽر جا امتحان پاس ڪري يونيورسٽين جي داخلا حاصل ڪرڻ لاءِ سمورو ڏينهن رات هڪ ڪري پڙهندو ۽ امتحان ڏيندو رهيو نيٺ هڪ ڏينهن ٽپالي اچي عامر جي در تي پهتو جتي عامر ٻاهر نڪتو ته عامر کي هن هڪ لفافو ڏنو جيڪو هن کولي پڙهڻ شروع ڪيو ايتري ۾ يارمحمد پنهنجي پٽ مٿان بيهي پڇيو ته ابا اهو ڪنهن جو خط آيو آهي ۽ ڇا ٿس لکيل؟ عامر خوش ٿيندي وراڻيو ته بابا هي خط منهنجي ڪاميابي جو خط آهي، هي خط بينالاقوامي سائنس ۽ ٽيڪنالوجي يونيورٽي وارن موڪليو آهي مان انهن جي لکت وارو امتحان ڏئي آيو هيس ان ۾ پاس ٿي ويو هاڻي مان اسڪالر شپ تي ٻاهرين ملڪ جي وڏي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندس، اهو ٻڌي يارمحمد خوشي ۾ ٻاهر روانو ٿيو پوءِ هن سڄي ڳوٺ ۾ اها ڳالھ طوفان جي مٽي جيان اڏاري ڇڏي. ڪجھ ڏينهن گذريا ۽ پوءِ عامر هڪ ڏينهن جهاز تي ولايت روانو ٿيو ـ
وقت گذرندو رهيوڳوٺ جي ماڻهن سميت گهر ڀاتين جي انتظار جي شدت وڌندي رهي ته آخر ڪڏهن ٿو عامر پنهنجي ڏيھ اچي آفيسر بڻجي. عامر پنهنجي گريجوئيشن سان گڏ ايم فل به مڪمل ڪرڻ وارو هيو هن جي ذهانت ۽ محنت اتان جي استادن کي متاثر ڪيو. عامر پنهنجي پيءُ سان موبائل تي ڳالهائيندي چيو ته بابا “مان نئين ايجاد ڪئي آهي اهو ٻڌي يارمحمد جي چهري تي خوشي ائين ظاهر ٿي رهي هئي جيئن هڪ ٿريءَ جي چهري تي چوماسي جي برسات پوڻ سان خوشي ظاهر ٿيندي آهي. يارمحمد پنهنجي زال سڪينه کي سڏ ڪيو جيڪا سانجڻ واري جاءِ ۾ دال کي منڌيئڻي سان ڪُنيءَ ۾ مهٽي رهي هئي. سڪينه اچي پنهنجي مڙس يار محمد جي اڳيان بيٺي يارمحمد خوشي ۾ چيو ته “چري اڄ کان پنهنجي ڏکن جودور پڄاڻي تي پهتو، اڄ اسان جي پٽ دنيا ۾ پهريون ڀيرو هڪ نئين مشين ٺاهي آهي! او سڪينه تنهنجون سڀئي محنتون ڪامياب ٿيون تنهنجو بکون سجايون ٿيون، تنهنجو ۽ تنهنجي ڀيڻ جو سون به سجايو ٿيو جيڪو عامر جي پڙهائي جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ وڪيو هيو. يارمحمد ڳالھ کي اڳتي وڌائيندي چيو ته بس هاڻي ڏسندي وڃجانءِ سڪينه ته سڀني ڳوٺ وارن جا سور ڪيئن ٿا لهن. ايتري ۾ عامر جي هڪ ڀيڻ پنهنجي پيءُ ماءُ جي بحث ۾ مداخلت ڪندي چيو ته بابا اوهان جي ڳالھ بلڪ به درست آهي پر ادا عامر جون قربانيون به اڻڳڻيون آهن. جنهن وقت پاڙي جا ٻار رانديون کيڏندا هيا اتي ادا عامر پنهنجي پڙهائي ۾ مصروف هوندو هيو، ايتري قدر بابا هن تي بندشون وڌيون هيون جو هو بغير ڪم ڪار جي گهر کان ٻاهر نڪرڻ به عيب سمجهندو هيو. هڪڙي ڀيري عامرپنهنجي دوست وٽان انقلابي ناول کڻي آيو هيو اها ڳالھ مسجد جي ملان وسيلي بابا کي خبر پئي هئي ته عامر کي اهڙن ڪتابن پڙهڻ کان منع ڪري ڇڏي هئي ۽ اها تلقين ڪئي هئي ته هميشه اهي ڪتاب پڙھ جيڪي توکي آفيسر بڻائن ـ
يارمحمد پنهنجي پٽ جي ايجاد واري ڳالھ ڳوٺ جي هر چوراهي، واھن ۽ ڳوٺ جي دڪانن ۽ هوٽل تي ٻڌائي آيو. ڏينهن گذريا ته عامر پنهنجي پيءُ سان فون تي ڳالهائيندي چيو ته“ بابا مٿين هفتي واپس پنهنجي وطن اچي رهيو آهيان سرڪار منهنجي ايجاد جي حوالي سان ڪراچي جي هڪ وڏي هوٽل ۾تقريب ڪوٺائي آهي سو مان چاهيان ٿو ته ڳوٺ جي سڀني عورتن مردن سميت اتي شريڪ ٿين” پيءُ خوشي منجهان ڳوٺ وارن سميت شرڪت جي حامي ڀري ـ
سموري ڳوٺ جون عورتون ۽ مرد ڪراچي وڃڻ سان گڏ عامر جي ڪاميابي تي خوش پئي نظر آيا عورتن جي چپن تي تيز ڳاڙهيون سرخيون ۽ چهرن تي لالڙن ۽ تبت پاوڊ ر جا تھ نظر پئي آيا ۽ مردن کي پٽڪا ته ڪنهن جي ڪنڌ ۾ کٿا هيا ڪوچ ڳوٺ جي ٻاهران بيٺي جنهن ۾ ڪراچي ڏانهن ويندڙ ويٺا ۽ پوءِ ٿوري دير ۾ اها ڪوچ رواني ٿي. ڪوچ جي اڳين سيٽ تي يارمحمد ۽ سڪينه ائين ويٺا هيا جيئن اڄ هنن جي پٽ جي شادي هجي ۽ هي ڄڃ وٺي ويندا هجن، يارمحمد جو فخر ۾ ڪنڌ ائين مٿي هيو جيئن سولر پليٽ سج جي سامهون ٿيل هجي ـ
هي هوٽل ٻاهران پهتا جتي عامر اڳ ۾ ئي پنهنجن مائٽن ۽ ڳوٺاڻن جو انتظار ڪري رهيو هيو پنهنجي والدين سان وڏي اڪير ۾ مليو هن جي پيءُ ۽ ماءُ جا خوشي ۾ ڳوڙها وهي آيا. عامر اڄ فل سوٽ ۾ هيو ڳوٺاڻا هن کي فل سوٽ ۾ ڏسي هڪ ٻئي کي ڀڻڪي رهيا هيا ته وڏن صاحبن وارا ڪپڙا پاتل اٿس اڄ ته اسان جو عامر وڏو صاحب بڻجي ويو آهي! هنن جي سيني ۾خواهشن ڏيڏرن جيان ٽپ پئي کاڌا. عامر هنن کي هوٽل جي هال ۾ اندر ڪرسين تي ويهاريو جتي مهان خاص جي اچڻ کان بعد پروگرام جي باقائده شروعات ٿيڻي هئي ـ
هال ۾ هلڪي آواز ۾ ايڪو سائونڊن مان موسيقي ٻڌڻ ۾ پئي آئي حال جي اڳيان واري سيٽن تي ولايت مان آيل عامر جا ٻه استاد پڻ ويٺل هيا. ڳوٺ جا ماڻهو اچرج ۽ حيراني منجهان هوٽل جي رنگين ۽ بلبن سان سينگاريل ڀتين کي تڪيندا رهيا ـ
ٿوري ديرگذرڻ کان بعد هڪ ماڻهن جو ٽولو هال ۾ داخل ٿيو ۽ سڀ ماڻهو اٿي بيهي رهيا ۽ ڊائيس تان اعلان ٿيو ته مهمان خاص کي پنڊال ۾ پهچڻ تي ڀليڪار! يارمحمد ۽ ڳوٺ جي ماڻهن مهمان خاص ڏانهن نهاريو ته اهو مهمان خاص ڳوٺ جو وڏيرو هيو، هنن جي چهرن تي حيرانگي وڌي وئي ايتري ۾ ڊائيس تان گذارش ڪئي وئي ته مهمان خاص سميت مقرر اسٽيج تي حاضر ٿين. سو عامر سميت ان جا استاد ۽ مهمان خاص اسٽيج تي ويٺا. سڀ کان پهرين عامر کي دعوت ڏني وئي ته هو اچي پنهنجي ايجاد بابت ماڻهن جي اڳيان پروجيڪٽر تي پريزنٽيشن ڏئي سو عامر هاڻي ڊائيس تي بيٺو ۽ ڀت تي هڪ اسڪرين ونڊو جو ظهور ٿيو، عامر شروعات ۾ پنهنجي ايجاد ٿيل مشين جو ڦوٽو ڏيکاريو وڌيڪ عامر ڳالهائيندو ويو ڳوٺ جي ماڻهن ۽ هن جي والدين کي اڃا ڳالھ سمجھ ۾نه پئي آئي پر اها ڳالھ سڀني کي سمجھ ۾ تڏهن آئي جڏهن عامر اهو چيو ته “منهنجي ايجاد ٿيل مشين جو نالو آرٽيفيشل انٽيليجنس ايگريڪلچرل مشين آهي، جنهن سان گهڻن مزدورن ۽ هارين کان بغير سارين جو رونبو به ڪري سگهجي ٿو ته ان سان ڪڻڪ جي پوکائي پڻ ڪري سگهجي ٿي نه صرف ايترو پر هن سان سارين ۽ ڪڻڪ جو لاٻارو پڻ ڪري سگهجي ٿو هن ۾ ٻيون به اهڙيون کوڙ ساتريون صلاحيتون آهن جنهن سان زميندار کي هاري رکڻ جي ضرورت نه پوندي. پنڊال ۾ ويٺل سڀني ملٽي نيشنل ڪمپنين جي ماڻهن سميت سڄي عوام تاڙيون وڄايون تاڙين جو آواز ائين ٻڌو ويو هيو جيئن ڪبوترن جو گنبذ تان اڏرڻ وقت پرن جي ڦڙ ڦڙ جو آواز ـ
عامر پنهنجي واري سان ڳالهايو ان کان بعد ڊائيس تان وڏيري جي لاءِ اعلان ٿيو ته هو صدارتي ۽ مهمان خاص وارو خطاب ڪري عامر جي ڳوٺ جو وڏيرو جيڪو هن نه صرف ايم پي اي پر تعليم جو وزير پڻ هيو، هن اچي ڊائيس تي بيهي پنهنجي خطاب جي شرعات ڪئي ٿورو رواجي ڳالهائڻ کان بعد هن اهو اعلان ڪيو ته عامر جي باڪمال ايجاد واري تقريب جي موقعي تي مان اهو اعلان ٿو ڪيان ته مان پنهنجي سموري زرعي زمين تي اڄ کانپوءِ اها مشين استعمال ڪندس ۽ اڄ کانپوءِ ڪو به هاري منهنجي فصل جي پيداوار مان اڌ ته ٺهيو پر هڪ سيڪڙو به نه کڻي سگهندو جنهن سان اسان جي آمدني اڃان به وڌي پوندي. وري ٻيهر تاڙيون وڳيون ـ
اهو اعلان ٿيڻ کان بعد ڳوٺ مان آيل سندس والدين سميت ڳوٺ وارن جي پيرن هيٺان زمين نڪري چڪي هئي. هنن جي سيني ۾ وڏيري ۽ عامر جا لفظ بڻڇي بڻجي لڳا. هنن جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي آيو ۽ هنن جي چپن ۾ لرزش هئي. يارمحمد سڪينه کي چيو، دعا ڪر زمين ڦاٽي ته ان ۾ هليا وڃون پر ڳوٺاڻن جي اڳيان نه اچئون ـ
يارمحمد ڪنهن سان ڪجھ نه ڳالهايو بس پنهنجي پٽ جي اڳيان ڳوڙها ڳاڙيندو پهتو جيارمحمد جو چهرو ڳاڙهو ٿي ويو هن جا ڇهپر جذبات ۾ ڏڪڻ لڳا بس عامر کي هن آخري لفظ اهي چيا ته اڄ کان بعد اسان جو توساڻ ڪو به واسطو ناهي تون اسان لاءِ مري چڪو آهين ۽ اسان جو منهن ڏسڻ به نه اچجانءِ! اهي لفظ جڏهن هن پورا ڪيا ته عامر کي پنهنجي استادن طرفان نياپو آيو عامر هليو ويو ۽ يارمحمد پنهنجي ڳوٺ وارن سان گڏ ڪوچ ۾ ويٺو ڪوچ هلندو رهيو عورتون توڙي ٻار پنهنجي زمينن جي مهڪن کي محسوس ڪري روئندا رهيا سموري ڪوچ ۾ سڏڪا ۽ پار هيا ـ
يارمحمد سميت ڳوٺ جا ماڻهو هاڻي پنهنجي ڳوٺ جي اسٽاپ ۽ شهر ۾ پني پنهنجي پيٽ ڀرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ۽ وڏيري جي زرعي زمينن ۾ عامر جي ٺاهيل نئين سائنسي ايجاد ٿيل مشين ڪم ڪندي آهي ـ

Check Also

عبدالواحد آريسر جو ڌرتي جو دلير پٽ..! ـ علي عاجز

علي عاجز هو جيڪو روپلي ڪولهي ۽ اڌي سنگھ سوڍي جي پچاڙڪي پناھ گاه رهيو. …