Sunday , June 20 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / النورشگر مل انتظاميا جي اسڪول ۾ قبضي خلاف شاهپورجهانيان ۾ احتجاج

النورشگر مل انتظاميا جي اسڪول ۾ قبضي خلاف شاهپورجهانيان ۾ احتجاج

شاهپورجهانيان: گورنمينٽ بوائز هائي اسڪول النور شگر مل ڪئمپس جي شاگردن ۽ استادن طرفان اسڪول جي راند جي ميدان تي قبضي ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ۽ ريلي، مظاهري جي اڳواڻي اسڪول هيڊ ماستر غلام مصطفي ڏاهري، استاد امير بخش سيال، استاد محمد بچل ڏاهري ڪري رهيا هئا. استادن چيو ته گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول النور شگر مل ڪئپس پهرين 1971 ۾ پرائمري طور قائم ڪيو ويو هو، جيڪو هاڻي هاءِ اسڪول ۾ تبديل ٿي ويو آهي. هن اسڪول ۾ 250 شاگردياڻيون، ۽ 600 کان مٿي شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن، 24 کان وڌيڪ استاد ۽ اسٽاف مقرر ٿيل آهن، هن اسڪول کي راندين لاءِ ميدان پڻ مليل آهي، النور شگر مل انتظاميا ڪيس ڪورٽ ۾ هجڻ باوجود رات جي وقت اسڪول جي گرائونڊ تي هيوي مشينري استعمال ڪري اسڪول جي گرائونڊ تي قبضي جي ڪوشش ڪري رهي آهي ـ
هنن وڌيڪ چيو ته اسان اهڙيون شڪايتون تعليم کاتي جي سيڪريٽري ۽ اعلي عملدارن کي پڻ ڪيون آهن، النور شگر مل جي انتظاميه سرڪاري اسڪول کي ختم ڪري پرائيوٽ اسڪول ۾ تبديل ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهي آهي. هن اسڪول ۾ آس پاس جي 40 کان وڌيڪ ڳوٺن جا ٻارڙا نياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. هن اسڪول مان ڪيترائي شاگرد پڙهي آفيسر بڻيا آهن، هن علائقي ۾ هي واحد اسڪول آهي جيڪو مئٽرڪ تائين تعليم ڏئي رهيو آهي، هتي غريب شاگرد تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اچن ٿا، هي اسڪول 50 سالن جو قديمي اسڪول آهي، هن اسڪول کي منظور ڪرائڻ ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون خدمتون شامل آهن، اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا ـ
مليل ڄاڻ موجب مل انتظاميا هن اسڪول کي ڊينيشنلائيزيشن ذريعي قبضي جي ڪوشش اڳ ئي ڪري چڪي آهي ۽ ڪورٽ ۾ ڪيس هلندڙ آهي ان جي باوجود رات جي وقت مشينري جي مدد سان رات جي اونداهي ۾ اسڪول جي گرائونڊ تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …