Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / استادن جي پ ٽ الف تنظيم حاجي شفي محمد سٺيو گروپ کي انسان دوست ۽ استادن جي مان ۾ آجياڻو

استادن جي پ ٽ الف تنظيم حاجي شفي محمد سٺيو گروپ کي انسان دوست ۽ استادن جي مان ۾ آجياڻو

شاهپورجهانيان (رپورٽ اسد جاني) استادن جي پ ٽ الف تنظيم حاجي شفي محمد سٺيو گروپ کي انسان دوست ۽ استادن جي حقن لاء جاکوڙ ڪندڙ استاد رجب علي زرداري پاران تعلقي مورو، ڀريا، نوشهرو فيروز، ڪنڊيارو ۽ ٻين تعلقن جي استادن جي مان ۾ آجياڻو ڏنو ويو، جنهن جو مهمان خاص ضلع نوشهرو فيروز جي صدارتي اميدوار شاهنواز چانڊيو هو، جڏهن تہ معزز مهمانن ۾ عبيدالله ابڙو، غلام حسين خاصخيلي، محبوب علي لاڙڪ، علي نواز چنڊ، محمد سليم سولنگي، محمد سليمان راهو، محمد ياسين حب، علي خان سابقي ۽ ٻيا هئا، آجياڻي کي خطاب ڪندي استادن شاهنواز چانڊيو، رجب علي زرداري، حزب الله ڪلهوڙو، غلام مصطفيٰ سولنگي، محمد اصغر آرائين، اعجاز علي پٺاڻ، خدا بخش ملاح، ذوالفقار سومرو، ممتاز سولنگي، عبدالصمد آرائين، محمد ياسين عالماڻي، عبدالرزاق چانڊيو ۽ ٻين چيو تہ استاد هميشہ مستقبل جي معمارن لاء روشني جو رستو هوندا آهن، هنن چيو تہ حڪومت سنڌ ۽ تعليمي اختياريون جلد اسڪول کولڻ لاء قدم کڻن، جيئن مستقبل ۾ اسان جا ٻچڙا تعليم جهڙي زيور سان سلهاڙجي سگهن، هنن چيو تہ استادن جي اليڪشن ويجهو آهي ان لاء محسن استاد حاجي شفي محمد سٺيو کي مرڪز ۽ ضلعي، تعلقي تي چونڊ وڙهندڙ استادن کي ووٽ ڏيئي ڪامياب ڪندا، جڏهن تہ استادن ايوان مان سن ڪوٽا جي بحالي، انڪريمينٽ جي بحالي، گروپ انشورنس جو نوٽيفيڪشن، ايڊيشنل ڊگري جي انڪريمينٽ ڏيڻ، سنڌ يونيورسٽي، اقرا يونيورسٽي، اين ٽي ايس، آء بي اي ٽيسٽ پاس کي فورن پڪو ڪرڻ ۽ کين اپگريڊيشن ڪرڻ، تعليمي ادارا جلد کولڻ، بائيو ميٽرڪ سسٽم کي ضلعي سسٽم تي آڻڻ جون قراردادون پاس ڪيون ويون ۔

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …