Wednesday , May 12 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / آپڪا پاپوليشن کاتي پاران پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۽ اين جي اوز جي حوالي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

آپڪا پاپوليشن کاتي پاران پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۽ اين جي اوز جي حوالي ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو ويو

نوابشاھ (رپورٽر مزمل چانڊيو) آپڪا پاپوليشن کاتي شھيد بينظير آباد پاران پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۽ اين جي اوز جي حوالي ڪرڻ واري عمل خلاف محمد لقمان ٻگھيو، شمس الدين ھوت، مس جوزفين، محمد سعيد، امجد بروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاھران علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته افسوس جھڙي ڳالهه آھي جو جھموري دور ۾ سازشون ڪيون وڃن ٿيون، ھنن چيو ته پاپوليشن کاتي جون بھتر خدمتون آھن ليڪن ان کي اين جي اوز ۽ صحت کاتي ۾ شامل ڪري فنڊ ھڙپ ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي، ھنن چيو ته طاقتور ڌريون اين جي اوز ٺاھي غلط انگ اکر ڏئي ملڪ جو پئسو لٺي رهيا آھن جيڪا انتھائي افسوس جھڙي ڳالهه آهي، ھنن چيو ته ٽيڪنيڪل سياسي ايڊوائيزر طالب لاشاري ذاتي مفادن جي ڪري صوبائي وزير پاپوليشن کي مس گائيڊ ڪري اداري کي تباھه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن مطالبو ڪيو ته پاپوليشن کاتي کي صحت کاتي ۽ اين جي اوز جي حوالي ڪرڻ وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، اپ گريڊيشن بحال ڪئي وڃي، ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏنو وڃي، سوشل ميل موبلائيزرن کي 1 کان 11 ھون گريڊ ڏيڻ سميت ٻيا جائز مطالبا پورا ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو، انھيءَ موقعي تي پي ٽي آئي اڳواڻ عنايت علي رند ورڪرن سان گڏ ايپڪا پاران لاڳايک بک ھڙتالي ڪيمپ تي پھتو ۽ اڳواڻن کي پارٽي پاران ڀرپور سھڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …