Monday , March 8 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسي ايشن آپڪا سنڌ صوبي جو اجلاس ٽي آر سي هال نوابشاھ ۾ ٿي گذريو

آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسي ايشن آپڪا سنڌ صوبي جو اجلاس ٽي آر سي هال نوابشاھ ۾ ٿي گذريو

نوابشاھ (رپورٽ مزمل چانڊيو) آل پاڪستان ڪلرڪ ايسوسي ايشن آپڪا سنڌ صوبي جو اجلاس صوبائي صدر محمد دائود انڙ کي صدارت ھيٺ ٽي آر سي ھال ۾ ٿي گذريو، اجلاس ۾ اشرف خان بزوئي، شھاب قريشي، شاهنواز عطاري ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گروپ انشورنس جي لاءِ جدوجھد کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، رٽائرڊ ملازمن ايڪشن ڪميٽي جي ڪوششن سان گروپ انشورنس ملازمن کي وقت سر رٽائرمينٽ ادائگي جي لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ بل جمع ڪرايو ويو آهي ان کي پاس ڪرايو ويندو، سن ڪوٽا جا حڪم جاري ڪيا ويندا، پاپوليشن کاتي کي اين جي اوز ۽ صحت کاتي ۾ شامل ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪيون ٿا ۽ ان جي خلاف احتجاجي تحريڪ هلائينداسين، سڀ آئيسوليٽ پوسٽن کي اپ گريڊيشن ڏياري ويندي، سڀني ادارن جي ملازمن کي ٽائيم اسڪيل ڏياريو ويندو، پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي سڀني ملازم تنظيمن جو گرينڊ الائنس تشڪيل ڏنو ويندو جنهن جي ذريعي متفقه طور تي ملازمن جي حقن لاءِ جدوجھد ڪئي ويندي، آخر ۾ گڏيل فيصلو ڪيو ويو ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت اسان جا مطالبا منظور نه ڪيا ته وزير اعليٰ ھائوس ۽ سنڌ سيڪريٽريٽ جو گھيراءُ ڪنداسين ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …