Thursday , March 4 2021
تازاترين
Home / تازاترين خبرون / آل اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪاميٽي طرفان ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن جي حمايت ۾ پريس پڌرائي

آل اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪاميٽي طرفان ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن جي حمايت ۾ پريس پڌرائي

ڄامشورو (پريس رليز) آل اسٽوڊنٽ ايڪشن ڪاميٽي جي صدر روپلي فراز چولياڻي، سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد اڳواڻ علي عاجز ۽ ٻين پاران ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي جي شاگردن جي حمايت ۾ جاري ڪيل پريس پڌرائي ۾ چيو آهي تہ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جا شاگرد اڪيلا ناهن. سڄي سنڌ جا ساڃاھ وند ۽ باشعور شاگرد سندن ڀرجهلا آهن ـ
ڪراچي پريس ڪلب تي ويٺل شاگرد ساٿي پنهنجا حوصلا بلند رکن ۽ پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ جدوجهد جاري رکن. سنڌ يونيورسٽي جا شاگرد بہ سندن حمايت ڪن ٿا. مسئلو حل نہ ٿيو تہ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو ـ
ڊائو يونيورسٽي جي شاگردن کان هاسٽل خالي ڪرائڻ شاگردن جي بنيادي حقن تي ڌاڙو ۽ شاگردن جي تذليل سمجهون ٿا. شاگردن کان هاسٽل خالي ڪرائي سگهارين ڌُرين حوالي ڪرڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سنڌ جي دل ڪراچي ۾ اچي تعليم حاصل ڪندڙ سنڌي شاگردن سان سراسر ناانصافي آهي ـ ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جا شاگرد ساٿي مسلسل سراپا احتجاج آهن. پر ڊائو يونيورسٽي جي انتظاميا ۽ حڪمران اگهور ننڊ ستل آهن ـ
شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران ڪن لاٽار ڪري رهي آهي. آمر جنرل ضياالحق جي بدترين مارشل لا ۾ شاگرد يونين تي لڳل بندش کان پوءِ ملڪ جي سمورن تعليمي ادارن ۾ شاگردن سان انتظاميہ طرفان ذلت آميز رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو .پاڪستان جي آئين ۽ قانون موجب هر شهري کي حق آهي تہ اهو قانون جي دائري ۾ رهي پنهنجي حقن خاطر يونين سازي ڪري پر افسوس آئين ٽوڙيندڙ آمر طرفان مڙهيل ڪارو قانون اڃان تائين ملڪ جي مستقبل جي معمارن مٿان ترخاني تلوار جيان لٽڪيل آهي ـ
جنهن سبب سموري ملڪ جي شاگردن ۾ بي چيني پکڙيل آهي. اسان چيف جسٽس آف پاڪستان وفاقي ۽ صوبائي تعليم واري وزيرن کان مطالبو ٿا ڪريون تہ فوري طور شاگرد يونين بحال ڪرڻ سان گڏو گڏ شاگردن کي درپيش مسئلا حل ڪيا وڃن ـ

Check Also

قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي ـ علي عاجز

علي عاجز قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاھ جا شاگردن مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندي …